اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ پ پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري تي سخت اهتجاج کان پوءِ اجلاس هل هنگامي جي ور چڙهي ويو مخالف ڌر اسپيڪر کي گهيري ورتو ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون حڪومتي ۽ اپوزيشن جا ميمبر هڪ ٻئي جي خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا اسپيڪر اسد قيصر پ پ پ ميمبرن کي سيٽن تي ويهڻ لاءِ هدايت ڪندو رهيو ميمبرن هڪ نه ٻڌي، اسپيڪر پنهنجي سيٽ تان اٿي هليو ويو اجلاس اڄ جمعي تي 11 وڳي ٻيهر ٿيندو. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته پ پ پ جا ميمبر آغا سراج دراني جي گرفتاري جي معاملي تي ٻانهن تي ڪاريون پٽي ٻڌي شريڪ ٿيا اجلاس دوران خورشيد شاهه ۽ راجا پرويز اشرف ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي سيد خورشيد شاهه جي تقرير کان پوءِ جڏهن اسپيڪر وفاقي وزير شفقت محمود کي مائڪ ڏني ته مخالف ڌر جا ميمبر اٿي بيهي نعرا هڻڻ لڳا ۽ شفقت محمود جي تقرير ۾ رنڊڪ وجهندا رهيا جنهن کان پوءِ راجا پرويز اشرف سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي معاملي تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ان دوران جواب ڏيڻ لاءِ جڏهن اسپيڪر وفاقي وزير فهميده مرزا کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ته مخالف ڌر جي ميمبرن ايوان ۾ اٿي بيهي گوڙ ڪندي اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو اسپيڪر چيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري جي اجلاس ۾ هي معاملو طئي ڪيو هو سيد خورشيد شاهه کي ان ڳالهه جو علم آهي، اپوزيشن کي اهڙو طريقو اختيار نه ڪرڻ گهرجي هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر احتجاج جاري رکيو ته هو ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪري سگهن ٿا اسپيڪر جي سمجهائڻ جي باوجود به مخالف ڌر احتجاج جاري رکيو ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو پ پ پ جي ميمبرن سيٽن تان اٿي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون اسپيڪر اسد قيصر جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو ۽ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي حڪومتي ميمبرن به پ پ پ جي ميمبرن جي جواب ۾ نعرا لڳايا ان موقعي تي اسد قيصر پ پ پ ميمبرن کي سيٽن تي ويهڻ لاءِ چوندو رهيو ۽ چيو ته ايئن ڪندا ته اجلاس نه هلائيندس احتجاجي ميمبرن پاران سيٽن تي نه ويهڻ تي اسپيڪر پنهنجي سيٽ تان اٿي هليو ويو ۽ اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ان کان اڳ اعتراض وارن نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي 70 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ چونديو اسپيڪر کي گرفتار ڪيو ويو چونڊيل اسپيڪر جي گرفتاري تي پوري پارليامينٽ کي احتجاج ڪرڻ گهرجي سيد خورشيد شاهه چيو ته چونديل اسپيڪر جي گرفتاري تي ڪوئي احتجاج ڪري يا نه ڪري اسان ته ڪنداسين ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي وڏي وزير کي به آفيس مان گرفتار ڪيو وڃي اسان پنهنجن ادارن تي حرف اچڻ نه ڏينداسين اسان جي احتجاج کي رڳو لفظي جنگ نه سمجهيو وڃي هن چيو ته هي نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ اسپيڪر کي گهيلي کنڀيو وڃي ٿو اسپيڪر صاحب ڊڄو سڀاڻي اوهان سان به ائين ٿي سگهي ٿو اسپيڪر کي ڊڪٽيشن ڏني وڃي ٿي ته خبردار سعد رفيق کي گهرايو جڏهن اسپيڪر پاڻ ڪمزور هوندو ته سعد رفيق کي ڪيئن گهرائيندو خورشيد شاهه اسپيڪر اسد قيصر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسپيڪر صاحب اوهان کي به سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي گرفتاري تي احتجاج ڪرڻ گهرجي اسان گهٽي گهٽي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي گرفتاري تي احتجاج ڪنداسين هي ملڪ اسان جو آهي ۽ اسان اوهان کي ايئن نه ڪرڻ ڏينداسين هر سنڌي پاڪستان لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي ٿو سيد خورشيد شاهه چيو ته پ پ پ هميشه جمهوريت جي خدمت ڪئي هن چيو ته مارشلائن ملڪ کي لاچار ڪري ڇڏيو سيد خورشيد شاهه چيو ته مارشل لا لڳڻ جي باوجود جمهوري ماڻهو جدوجهد ڪري هي ايوان بڻايو هن چيوت ه هتي ايندڙ سڀ ووٽ وٺي اچن ٿا هي ايوان پنهنجو اسپيڪر چونڊي ٿو خورشيد شاهه چيو ته مولوي تميزالدين کان وٺي اسد قيصر تائين سڀ اسپيڪر احترام جوڳا آهن هي ايوان سڀ کان وڌيڪ خودمختيار آهي هن چيو ته جڏهن هڪ ايوان جي سربراهه کي گهيلي کڻي ويندا ته انهن ايوانن جي ڇا خودمختياري هوندي سيد خورشيد شاهه چيو ته آغا سراج دراني ٿي سگهي ڪجهه ڪيو هجي پر هي ڪهڙو رويو آهي هن چيو ته سنڌ وفاق جو ٿنڀ آهي آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي هن چيو ته ادارا نه پر پارليامينٽ سپريم آهي هن چيو ته آغا سراج دراني هن سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي جنهن پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو هن چيو ته هي ملڪ اسان کي مارڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ڪڏهن لياقت علي خان کي ڪڏهن ذوالفقارڀٽو ۽ ڪڏهن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو وڃي ٿو هن چيو ته اڄ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي گهيلي کنڀيو پيو وڃي هن چيو ته جڏهن اسپڪر پاڻ ڪمزور هوندو ته سعد رفيق کي ڪيئن گهرائيندو اسپيڪر کي ڊڪٽيشن ڏني وڃي ٿي ته خبردار سعد رفيق کي گهرايو هن چيو ته اسان کي بيناميدار ۽ چور چيو وڃي ٿو هن چيو ته هي نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ اسپيڪر کي گهيلي کنيو وڃي ٿو اسپيڪر صاحب ڊڄو سڀاڻي اوهان سان به ائين ٿي سگهي ٿو خورشيد شاهه چيو ته آغا سراج دراني جو تعلق هڪ مشهور سياسي گهراڻي سان آهي جنهن نموني کيس گهيلي گاڏي ۾ وڌو ويو اهو افسوس ناڪ آهي هن چيو ته پاڪستان جو جهنڊو سڀ کان پهريان سنڌ اسيمبلي تي ڦڙڪايو ويو پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي مان آيو ۽ قومي ترانو به پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ ٻڌڻ ۾ آيو هن چيو ته جهڙِ طرح آغا سراج دراني جي خاندانن کي 12 ڪلاڪن تائين حراسان ڪيو ويو اسان ان تي احتجاج ڪنداسين. هن چيو ته ڇا ڪوئي سوچي سگهي ٿو ته ملڪ جو وزيراعظم چوي ته نئين پاڪستان ۾ دهشتگردي نه ٿيندي سوچو ته اهو ڇا چئي رهيو آهي هن چيو ته سعودي ولي عهد جي آمد تي اپوزيشن کي نه گهرائي ڪهڙو پيغام ڏنو ويو اسان دعوتن جا بکيا نه آهيون اپوزيشن 65 سيڪڙو جڏهن ته حڪومت 35 سيڪڙو ووٽ کنيا هن چيو ته 35 سيڪڙو وارا 65 سيڪڙو وارن کي چريو چون ٿا حال ته اهو آهي ته تحريڪ انصاف جو اڳوڻو وائيس چيئرمين هڪ وزير بابت ڇا لکي ٿو اجلاس دوران خورشيد شاهه جي غير پاليماني لفظ اسپيڪر ختم ڪرائي ڇڏيا راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن اسپيڪر کي ايئن گرفتار ناهي ڪيو ويو اسان کي احتساب تي اعتراض نه آهي احتساب ٿيڻ گهرجي پر ڪنهن جي چادر ۽ چار ديواري جو وقار لتاڙڻ جي اجازت ڪيئن ڏيئي سگهجي ٿي احتسان جو طريقو جيڪو اختيار ڪيو ويو آهي اسان کي ان تي اعتراض اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙا ڪهڙا ادارا آهن جيڪي پارليامينٽ کان مٿان آهن سنڌ جي ماڻهن جا جذبا هن گرفتاري سان مجروح ٿيا آهن قومي اسيمبلي ۽ صوبن مان سنڌ جي عوام لاءِ مثبت پيغام وڃڻ گهرجي.05
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟