سعودي ولي عهد کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ناڪام

1Shares

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت طرفان سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي ڀاري حڪومت جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دوري جي گڏيل پڌرائي ايندي ئي ڀارت ۾ ماتم برپا، ڀارتي انتهاپسندن ۽ سندن تعصب پرست ميڊيا واويلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي سعودي عرب پاڪستان کي اربين ڊالر ڏنا پر ڀارت کي هڪ ٽڪو نه مليو، ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا پاڪستان جو نالو نه وٺڻ تي پنهنجي ئي وزيراعظم تي غداري جو الزام مڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. خابرو ذريعن موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن کي ڏسي ڀارت ۾ پريشاني جي لهر ڊوڙي وئي آهي. ذريعن موجب سعوي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان کي نشانو بڻائيندڙ سمورين ڀارتي ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڪنهن اهڙي تنظيم جو نالو گڏيل پڌرائي ۾ شامل ئي ناهي جنهن سان پاڪستان تي الزام اچي، ان کاپوءِ ڀارتي ميڊيا پنهنجي ئي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا چريائپ جي انتها ڪندي چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جو نالو نه وٺي وزيراعظم نريندر مودي غداري ڪئي، مودي جي پڌرائي عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات دوران ايندڙ ٻن سالن ۾ 100 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ويو آهي سعودي ولي عهد ڀارت جي دٻاءُ باوجود پاڪستان جي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پلواما حملي ۾ اڃا تائين ڪوبه ثبوت سامهون ناهي آيو ته پاڪستان جي مذمت ڪيئن ڪريون اڃا تائين اسان وٽ پلواما حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ڪي به ثبوت ناهن ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي ڪم ڪندا.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں