گڏيل قومن پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

1Shares

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي ملڪن کي صبر جي اپيل ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرس پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ فوري طور ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ قدم کڻن.  سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت راضي ٿين ته گڏيل قومون ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرائڻ لاءِ به تيار آهن ۽ ٻئي ملڪ موجوده حالتن ۾ هر ممڪن احتياط کان ڪم وٺن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ گڏيل قومن کي خط لکيو هو جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل کي اپيل ڪئي وئي ته هو ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مداخلت ڪن. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي مليحا لوڌي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڀارت جي ڌمڪين ۽ وزيراعظم جي موقف کان آگاهه ڪيو. پاڪستان جي مستقل نمائندي مليحا لوڌي چيو ته گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائن جڏهن ته سيڪريٽري جنرل کي چيو ته هو مسلمانن تي ٿيندڙ حملا روڪرائي. مليحا لوڌي چيو ته سيڪريٽري جنرل کي چيو ته ڪشمير مسئلو پرامن نموني حل ٿيڻ گهرجي، ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو، مطمئن آهيان ته گڏيل قومن ۾ معاملي تي هڪ انڊر اسٽينڊنگ آهي.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں