آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني گرفتار، 3 ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور

1Shares

اسلام آباد(بيورو) نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي مطابق نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد کان گرفتار ڪري ورتو آهي، مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. ذريعن مطابق نيب ڪيتري ئي عرصي کان آغا سراج دراني خلاف جاچ ڪري رهي هئي ۽ ان سلسلي ۾ هاڻي اهم اڳڀرائي سامهون آئي، جنهن بنياد تي نيب پ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  ذريعن مطابق ان سلسلي ۾ نيب هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آغا سراج دراني اسلام آباد ۾ ئي موجود آهي. ذريعن مطابق نيب راولپنڊي جي ٽيم آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي هڪ خانگي هوٽل مان گرفتار ڪيو آهي، آغا سراج دراني مٿان سرڪاري فنڊ هڙپ ڪرڻ جو به الزام آهي، هو اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ويجهو ساٿي پڻ آهي. آغا سراج دراني کي نيب راولپنڊي جي ٽيم سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪندي، عدالت ۾ سندس رمانڊ وٺڻ کانپوءِ سراج دراني کي نيب ڪراچي حوالي ڪيو ويندو. واضح رهي ته نيب چيئرمين گذريل سال اپريل ۾ آغا سراج دراني ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري غلام محمد خلاف غيرقانوني مقررين ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته نيب ڪراچي آغا سراج دراني جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا. ٻئي پاسي نيب عملدارن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق نيب آغا سراج دراني کي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو. نيب عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل اٿارٽي آغا سراج دراني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، جوابدار خلاف ڪراچي ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي. نيب عملدارن عدالت کان جوابدار جي 7 ڏينهن لاءِ راهداري رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايترا ڏينهن ڇو ٿا گهريا وڃن؟ جوابدار کي جلد کان جلد لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪريو. نيب موقف ڄاڻايو ته موسم جي خرابي جي ڪري 7 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي آغا سراج دراني عدالت کي ٻڌايو ته اڄ شام 7 وڳي ڪراچي واپسي جي فلائٽ هئي، جنهن تي نيب عملدارن عدالت کي چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته جوابدار کي اڄ ئي ڪراچي واپس اماڻيو وڃي. عدالت نيب پاران 7 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل رد ڪندي ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو. احتساب عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن اندر ڪراچي جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ٻئي طرف نيب عملدارن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق نيب آغا سراج دراني کي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو. نيب عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل اٿارٽي آغا سراج دراني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، جوابدار خلاف ڪراچي ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي. نيب عملدارن عدالت کان جوابدار جي 7 ڏينهن لاءِ راهداري رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايترا ڏينهن ڇو ٿا گهريا وڃن؟ جوابدار کي جلد کان جلد لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪريو. نيب موقف ڄاڻايو ته موسم جي خرابي جي ڪري 7 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي آغا سراج دراني عدالت کي ٻڌايو ته اڄ شام 7 وڳي ڪراچي واپسي جي فلائٽ هئي، جنهن تي نيب عملدارن عدالت کي چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته جوابدار کي اڄ ئي ڪراچي واپس اماڻيو وڃي. عدالت نيب پاران 7 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل رد ڪندي ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو. احتساب عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن اندر ڪراچي جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ٻئي طرف آغا سراج دراني جي گهرواري فون تي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نيب اهلڪارن مختلف ڪمرن جي تلاشي ورتي، جنهن دوران گهر اندر 5 عورتون موجود هيونسين، گهر جي عورتن کي اڱڻ ۾ بيهاريو ويو، نيب جي ٽيم جا سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ڀتيون ٽپي اندر داخل ٿيا، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں