اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته احتساب جي وچ ۾ ڪنهن کي به نه اچڻ ڏينداسين ۽ احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عمران خان ميمبرن کي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دوري بابت آگاهه ڪيو ۽ ان کي ڪامياب دورو قرار ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته احتساب جي وچ ۾ ڪنهن کي به نه اچڻ ڏينداسين ۽ احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، مخالف ڌر کي گرفتارين تي جمهوريت ياد اچي ويندي آهي، جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪاڪردگي کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب آڻيندي، پاڪستان معاشي بحران مان ڪامياب سان نڪري رهيو آهي، ان کي جلد ترقي جي رستي گامزن ڪنداسين. ٻئي پاسي سرڪاري ٽي وي موجب وزير اعظ۾ جي صدارت هيٺ مني لانڊرنگ جي خاتمي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم وزير اعظ۾ جي خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ گهرو سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ بندوبستن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ گهرو سيڪريٽري وزير اعظم کي بريفنگ ڏني. وزير اعظم چيو ته مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهو قوم جا ڏوهاري آهن، مني لانڊرنگ ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙن ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڌڪيو، نيب خودمختيار ادارو آهي، احتساب جو عمل غير جانبداري سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ ملڪ لاءِ تمام خطرناڪ آهي ان کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادنتي قدم کنيا ويندا غيرقانوني طور پئسو ٻاهر منتقل ڪندر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن ملڪ جو پئسو چوري ڪرڻ سان ملڪ سنگين مالي بحران جو شڪار ٿيو ٻئي طرف اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جو مائينڊ سيٽ تبديل نه ٿيو ته اسان جون مشڪلاتون وڌي وينديون پاڪستان جا وي آءِ پيز اهي آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندا آهن 60 جي ڏهاڪي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا هئاسين پر مخصوص مائينڊ سيٽ سبب ماڻهو ٻاهر وڃي سيڙپڪاري ڪرڻ لڳا ٽيڪس سان اسان وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو ايندو آهي هن چيو ته اڄ مشڪل حالتون آهن گئس جو بحران وڌي ويو هو بئنڪون ڪمپنن کي قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه هيون ان ڪري اگجهه وڌائڻا پيا پاڪستان کي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو 21 ڪروڙ ماڻهن جو بار 17 لک رپيا تيڪس ڏيندڙن تي نٿا وجهي سگهون اسان عوام تي با وجهندا اهيون ۽ عام ماڻهو کان تيڪس وصول ڪندا آهيون پاڪستان ۾ دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس جي شرح اهي اسان هتي شيون مهانگيون ڪري عام ماڻهن کان ٽيڪس وٺي رهيا آهيون جنهن سان غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي اسان پنهنجا خرچ گهٽايا ۽ سادگي اختيار ڪئي آهي اسحاق ڊار ۽ شريف خاندان جو ڪروڙين رپين جو علاج ٿي رهيو آهي چون ٿا ته نواز شريف جو پاڪستان ۾ علاج نه ٿيندو ڪهڙو ملڪ ائين پنهنجو پاڻ سان ڪندو آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟