اسپيڪر کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چيلينج ڪيو ويو، هاڻ حڪومت کي وڌيڪ وقت نه ڏينداسين: آصف زرداري

1Shares

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر آصف زرداري آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آغا سراج دراني کي اسلام آباد مان گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اسپيڪر کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چئلينج ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري جو چوڻ هو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي 8 مهينا ڏئي ڇڏيا، هاڻي وڌيڪ وقت نه ڏينداسين. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوست به آهي ته ڀاءُ به، جتي قدم رکندو ان سان گڏ قدم رکنداسين، پر ٿي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽي پاڻ به روڊن تي اچي. پلواما واقعي کانپوءِ ڀارتي ڌمڪين تي آصف زرداري جو چوڻ هو ته ڀارت ڪوبه جارحاڻو قدم کنيو ته پوري قوم گڏجي فوجي جوانن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهندي. آصف زرداري چيو ته جڏهن هو صدر هو ته پلواما جهڙو واقعو ٿيو هو ۽ اسان دنيا کي پاڻ سان گڏ رکي ممبئي حملي جهڙي واقعي کي منهن ڏنو ۽ سفارتي سطح تي ان کي هينڊل ڪيو. هن وفاقي حڪومت کي نابالغ قرار ڏيندي چيو ته هاڻوڪين حالتن ۾ نابالغ حڪومت کي سمجهه نه ٿو اچي ته ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪوبه جارحاڻو قدم کنيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن، عوام فوجي ڀائرن سان گڏجي بيهندا ۽ ڀارت جو ڄمي مقابلو ڪندا.  ڀارت پاران پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي آصف زرداري چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دنيا ۾ اڪيلو ٿي چڪو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت کانپوءِ پاڪستان دنيا ۾ وڌيڪ اڪيلو ٿي ويو آهي. آصف زرداري سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستاني دوري دوران مخالف ڌر کي دعوت نه ڌيڻ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته سعودي ولي عهد جي دوري دوران اسان کي دعوت نه ڏني وئي ۽ نه ئي نواز شريف ۽ شهباز شريف کي، سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ڏنو ويو ته مخالف ڌر ان جي قابل ناهي ته کين سڏايو وڃي.  هن چيو ته جيڪڏهن مون کي محمد بن سلمان جي دوري جي موقعي تي سڏايو وڃي ها ته ضرور وڃان ها، چيني صدر جي دوري جي موقعي تي نواز شريف سڏايو هو ۽ مون وڃي ساڻس ملاقات به ڪئي هئي. نيب پاران گرفتارين تي هن چيو ته ڪو منگي صاحب آهي جيڪو سنڌ مان سڏايو ويو آهي ۽ اسان جي سنڌين کي گرفتار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو گهيرو تنگ نه ٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته گرفتارين جي اسان کي پرواهه ناهي، مان نيب جو مقابلو ڪندس ۽ جيڪڏهن جيل وڃڻو پيو ته اهو منهنجو ٻيو گهر آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں