اسلام آباد ۾ ننڍن صوبن جا نمائندا محفوظ نه رهيا ته صوبن ۾ وفاقي نمائندا به محفوظ نه رهندا: پ پ

2Shares

ڪراچي/لاڙڪاڻو(چيف رپورٽر) پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪري ڇڏي، مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته آغا سراج دراني جي گرفتاري تي ڳڻتي آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف جاچ هلي رهي آهي پر انهن کان ڪو پڇڻ وارو نه آهي، جيڪڏهن وفاقي گادي واري شهر ۾ننڍن صوبن جا نمائندا محفوظ نه رهيا ته صوبن ۾ وفاقي نمائندا محفوظ نه رهندا. پپيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري جي مذمت ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر مولا بخش چانڊيي چيو ته آغا سراج دراني جي اسلام آباد مان گرفتاري تي ڳڻتي آهي، آغا سراج دراني هڪ شخص نه پر سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي، کيس ايئن ڪيئن گرفتار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته،  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي اسلام آباد مان هٿڪڙيون لڳائي ڪراچي وٺي اچڻ سان ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟ پيپلزپارٽي جي مرڪزي ترجمان  چيو ته جيڪڏهن گرفتاري قانوني آهي ته آغا سراج کي ڪراچي مان گرفتار ڪرڻ بدران اسلام آباد مان ڇو گرفتار ڪيو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ادارن کي اهڙي ريت استعمال ڪري ننڍن صوبن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي. مولا بخش چانڊيي چيو ته، ننڍي صوبي جي اسپيڪر کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري هڪ خطرناڪ تاثر ڏنو ويو. هن چيو ته، نيب جي ڪارروائي مان لڳي ٿو ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جو اسلام آباد ۾ نيب انتظار ڪري رهي هئي. مولا بخش چانڊيو چيو ته، گادي وارو شهر سمورن صوبن جو آهي، ڪنهن هڪ جماعت جو نه آهي، حڪومت اهو تاثر ڏنو آهي ته ننڍن صوبن جي نمائندن لاءِ اسلام آباد محفوظ نه آهي. ٻئي طرف ناصر شاهه آغا سراج دراني جي گرفتاري کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو، ورڪس اينڊ سروس جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا، سندس گرفتاري غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. هن چيو ته آغا سراج دراني جي گرفتاري اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن لاڙڪاڻي جي سرڪٽ هائوس ۾ واسطيدار عملدارن سان ڪيل گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته آغا سراج دراني خلاف ڪجهه عرصي کان هٿ ٺوڪي انڪوائري هلندي هئي، جنهن سان هو منهن ڏيندو هو، ڪڏهن ائين به نه ٿيو ته کيس نيب گهرايو هجي ۽ هو نه ويو هجي، سندس گرفتاري ٻٽي نظام کانسواءِ ڪجهه ناهي، اسپيڪر جي گرفتاري خلاف عدالت وينداسين، اسان آئيني ۽ جهموري طريقي سان احتجاج جو حق به رکون ٿا. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي غير آئيني طريقي سان سائيڊ تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف وڌيڪ حڪمت عملي پارٽي قيادت جي صلاح مشوري سان ڪئي ويندي. هوڏانهن سنڌ جي صوبائي وزيرن محمد اسماعيل راهو ۽ سيد اويس قادر شاهه چيو آهي ته آغا سراج دراني جي گرفتاري انتهائي قابل مذمت عمل جوڳي آهي، اسپيڪر جي گرفتاري بابت وزيراعلي سنڌ کي به آگاهه نه ڪيو ويو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آغاسراج دراني جي گرفتاري بعد ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. زراعت واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته آغا سراج دراني جي گرفتاري سنڌ جو مئنڊيٽ چورائڻ جي سازش  ڪئي پئي وڃي، اسپيڪر سنڌ اسمبلي جي گرفتاري اسمبلي جي توهين ۽ احتساب جو عمل وڌيڪ مشڪوڪ بڻجي چڪو آهي.هن چيو ته نيب جي ڪارڪردگي تي پهريان ئي تمام سياسي جماعتون تحفظات جو اظهار ڪري چڪيون آهن. ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه چيو ته پيپلزپارٽي خلاف ڪوڙا کيس داخل ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي،سنڌ جو عوام سياسي انتقام کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، الزاما ته ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وزيراعلي تي به آهن، عليمه خان کي اين آراو ڏئي بچايو ويو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں