ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ سنڌ کي آئين حق مطابق گيس فراھم ڪئي وڃي ۽ سنڌ وفاق کان پنھنجي حقن لاءِ وڙھندي رھندي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ پرڏيھي سيڙپڪاري پھرين ترجيح آھي ۽ اسان سنڌ کي معاشي مرڪز بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رھيا آھيون، ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي رٿائن تي ڪم ھلندڙ آھي. سنڌ ۾ پرڏيھي سيڙپڪارن لاءِ رجسٽريشن وارو عمل سولو بڻائي رھيا آھيون ۽ اسان ڪاروبار کي سولو بڻائڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آھن ۽ ھاڻي وفاق کي بھ ڪاروبار سولو بڻائڻ وارو ھدف پورو ڪرڻ گھرجي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالهه ڪراچي جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ سنڌ ڊوئنگ پورٽل بزنس رفارمز ايگزيبيشن تقريب ۾ خاص مھمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي تقريب واري پروگرام ۾ پھچڻ تي صوبائي وزير سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ٻين شاندار آجيان ڪئي، انھيءَ تقريب ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار رزاق دائود ۽ ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿو الانگوان پڻ شريڪ ھئا. نمائش ۾ پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ واپار جي واڌاري ۽ سڌارن تي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاھھ ڪيو. ايزي آف بزنس ھڪ انڊڪس آھي جيڪا ورلڊ بينڪ ھر سال پيش ڪندي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿو الانگوان سان گڏجي ايزي آف ڊوئنگ بزنس پورٽل جو افتتاح ڪيو جنھن لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو وچ ۾ معاھدن تي يادداشتي صحيحون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي کاتي جي ثناءَ شيخ جي خدمتن کي ساراھيندي سرٽيفڪيٽ ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ھن وقت دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رھي آھي ان تبديليءَ ۾ معيشت جو وڏو ڪردار آھي، تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ اسان اھڙا موقعا ضايع نٿا ڪري سگھون، اسان کي گڏجي ڪري انساني ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي. وڏي وزير چيو تھ ورلڊ بينڪ جي ڊوئنگ بزنس رپورٽ سيڙپڪارن لاءِ تمام اھم آھي، سيڙپڪار اھڙي رپورٽ کي ڏسي سيڙپڪاري لاءِ ملڪن جي چونڊ ڪندا آھن. سياسي طور تي ان انڊڪس کي بھ گھڻي اھميت حاصل آھي، ان انڊڪس سان دنيا ۾ سيڙپڪاري آڻڻ سان گڏ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪيو ويندو آھي. ھن چيو تھ ورلڊ بينڪ جي انڊڪس ۾ گذريل سال پاڪستان 11 پوائنٽ سڌارا ڪيا جنھن ۾ ڪراچي 65 سيڪڙو جڏھن تھ لاھور 35 سيڪڙو ڪردار شامل آھي ۽ سندس حڪومت ان ڳالھھ کان بخوبي واقف آھي تھ پرائيوٽ سيڙپڪاري سان ئي عوام ۾ خوشحالي پيدا ڪندا آھن جنھن کي ڏسندي اسان سيڙپڪارن کي مراعتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل پورٽل جو افتتاح ڪيو آھي. ھن چيو تھ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ سولائيءَ پيدا ڪرڻ سان مقامي ۽ عالمي سيڙپڪار فائدو حاصل ڪري سگھندا. اسان سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ مراعتون فراھم ڪرڻ لاءِ سڌارا آندا آھن. ھن چيو تھ سيڙپڪاريءَ سان حڪومتي روينيو پيدا ٿيندو آھي جنھن سان ھنرمند فورس سامھون ايندي آھي. ھن چيو تھ وفاق سنڌ جا مسئلا حل ڪري اسان ورلڊ بينڪ ۾ ٽاپ ٽين تي اچي وينداسين. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ڪاروبار کي سولو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ ورتا آھن، پاڪستان کي بھ ڪاروبار آسان بڻائڻ واري ھدف کي پورو ڪرڻ گھرجي. وڏي وزير چيو تھ سيڙپڪاريءَ ۾ اضافو ۽ عوام جي خوشحاليءَ واري ڪم ۾ بين الصوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو ھڪ ٻئي سان سھڪار لازمي آھي. دي سنڌ بزنس رجسٽريشن پورٽل ذريعي ڪاروباري ماڻھو سندن رجسٽريشن چئن صوبائي کاتن انڊسٽريز، ليبر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ايس اِي ايس ايس آن لائين ڪري سگھندا ۽ انشاءَ اللھ تمام جلد ھن پورٽل ۾ سمورن صوبائي کاتن کي ڳنڍيو ويندو جنھن سان لائسنس، پرمٽس، رجسٽريشن ۽ اين او سيز آن لائين حاصل ڪري سگھبا. وڏي وزير ڄاڻايل پورٽل لاءِ سھڪار ڪرڻ تي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جا ٿورا مڃيا ۽ ورلڊ بينڪ ٽاپ 20 بزنس سٽيز انيشيٽو 2020ع پروگرام جي واکاڻ ڪندي چيو تھ سنڌ بھ ان ٽاپ 20 بزنس سٽيز لاءِ باقائدھ مقابلو ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ايندڙ آءِ سي سي اجلاس ۾ وفاق کان گيس جي مامري تي ڳالھھ ٻول ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت کي درخواست آھي تھ سنڌ کي آئيني حق مطابق گيس فراھم ڪئي وڃي. ھن چيو تھ اسان سنڌ جي حقن لاءِ وڙھنداسين ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ گيس جي مسئلي تي ڳالھايو ويندو. سنڌ حڪومت چاھي ٿي تھ گيس فيلڊ وارن علائقن کي گيس ڏني وڃي. ھن چيو تھ ڪراچي سميت ٻين شھرن کي گيس، بجلي ۽ پاڻي ڏيڻ سان پاڪستان ڪاروباري لحاظ سان ٽاپ 10 ملڪن واري فھرست ۾ شمار ڪيو ويندو. تقريب کي زبير موتي والا پرائيوٽ سيڪٽر طرفان سندس خطاب ۾ چيو تھ اڄ سنڌ حڪومت تمام اھم ڪم ڪيو آھي، ڄاڻايل پورٽل سان ڪاروباري طبقي کي ڪيتريون کي سھولتون ملنديون جنھن سان سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ مدد ملندي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟