فلم “ٽوٽل ڌمال” جي ٽيم ان کي پاڪستان ۾ ريليز نه ڪرڻ جو فيصلو

5Shares

ممبئي (شوبز نيوز) پلوامه حملي بعد “ٽوٽل ڌمال” جي ٽيم پنهنجي فلم کي پاڪستان ۾ ريليز نه ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج تي هاڻوڪي حملي کان بعد مودي سرڪار پاران ان حملي جو الزام پاڪستان تي لڳايو پيو وڃي ۽ ان بنياد تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي جنهن جي وڪڙ ۾ هاڻي فلم انڊسٽري به اچي چڪي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اندرا ڪمار جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ڌمال فرنچائز جي ٽين فلم “ٽوٽل ڌمال” جنهن کي ڀارت سميت سموري دنيا ۾ ريليز ٿيڻو هو جنهن ۾ پاڪستان به شامل هيو پر هاڻي فلم “ٽوٽل ڌمال” جي ٽيم ان کي پاڪستان ۾ ريليز نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اجي ديوگن ان ڳالهه جو اعلان پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي به ڪيو . واضح رهي ته فلم “ٽوٽل ڌمال” ۾ اجي ديوگن سان گڏ انيل ڪپور، رتيش ديشمڪ، ارشد وارثي، جاويد جعفري، جوني ليور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ مرڪزي ڪردارن ۾ نظر ايندا جڏهن ته فلم کي 22 فيبروري جي سينيما گھرن جي زينت بڻجندي.

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں