هندو انتهاپسند ثانيا مرزا خلاف ميدان تي اچي ويا

4Shares

نئين دهلي(م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي ليجنڊ ڪرڪيٽرز ۽ فنڪارن کانپوءِ هاڻي ڀارتي انتهاپسند ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيبملڪي جي گهر واري ثانيا مرزا خلاف به ميدان ۾ اچي ويا. هندو انتهاپسند پاڪستان جي دشمني ۾ ايتري قدر انڌا ٿي ويا جو هاڻي پنهنجي ئي اسٽارز خلاف ٿي ويا آهن. ڀارت کي ٽينس ۾ دنيا ۾ اعليٰ مقام ڏياريندي ثانيا مرزا کي پاڪستان جي ننهن قرار ڏئي هن کي برانڊ ايمبسڊر آف تلنگانه جي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اهڙو مطالبو ڏکڻ ڀارت جي رياست تلنگانه ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جي واحد اسيمبلي ميمبر ٽي راجه سنگهه سومر تي ڪيو ۽ چيو ته ڇو ته ثانيا مرزا پاڪستان جي ننهن آهي تنهن ڪري هن کي برانڊ ايمبسڊر آف تلنگانه جي عهدي تان هٽايو وڃي. ٽي راجه سنگهه ان سلسلي ۾ رياستي وڏي وزير ڪي چندرا شيکر رائو کي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان سان هر قسم جا تعلق ختم ڪيا وڃن. 06

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں