محمد حفيظ زخمي، پي ايس ايل کان ٻاهر، لاهور قلندرز جي ڪپتاني ڊي ويليئرز حوالي

1Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جو ڪپتان محمد حفيظ فٽنس مسئلي سبب پي ايس ايل کان ٻاهر ٿي ويو. لاهور قلندرز جو ڪپتان محمد حفيظ فٽنس مسئلي سبب پي ايس ايل جي چوٿين سيزن کان ٻاهر ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي لاهور قلندرز جي اڳواڻي اي بي ڊي ويليئرز ڪندو. لاهور قلندر ترجمان چيو آهي ته محمد حفيظ ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ ۾ زخمي ٿي پيو هو، ٻي پاسي لاهور قلندرز جي مينيجر رانا ثمين جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ جي اسڪين رپورٽ موجب هن کي 4 کان 6 هفتن تائين آرام جي ضرورت آهي. 06

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں