پاڪستان کي خيرات نه پر سيڙپڪاري ڪريون پيا، 2030ع تائين وڏي معيشت هوندو، پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا: سعودي عرب

1Shares

اسلام آباد (بيورو) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جون پاڪستان ۾ ٻئي ڏينهن صدر، آرمي چيف، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي سان ملاقاتون ٻطرفن لاڳاپن  ۽ دفاعي معاملن بابت ڳالهيون پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ جو اعلان  سعودي ولي عهد بن سلمان پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جيو اسٽريٽجڪ اعتبار سان اهم ملڪ آهي نور خان ايئربيس تي روانگي کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته اسان پاڪستان جي شاندار مستقبل تي يقين رکون ٿا پاڪستان جي پاڙي ۾ ٻه  وڏيون معيشتون آهن هڪ طرف چين۽ ٻئي طرف ڀارت آهي ۽ مون کي يقين آهي ته پاڪستان انهن ٻنهي پاڙيسرين مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿو هن چيو ته پاڪستان ايندڙ سالن ۾ وڏي معيشت بڻجي اڀرندو 2030ع تائين پاڪستان وڏي معيشت هوندو پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ جيڪي معاهدا ٿيا اهن اهي شروعات آهن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام گهڻو اڳتي ويندا پاڪستان قيدين جي آزادي فرض سمجهان ٿو ترقي جي سفر ۾ اسان ساٿ ڏينداسين عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي اسان عمران  جي قيادت ۾ پاڪستان کي وڏي معيشت ڏسي رهيا آهيون ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته دعودي ولي عهد  جي دوري تي سندس پاڪستان عوام طرفان ٿورو ادا ڪريان ٿو سعودي ولي عهد پاڪستان ۾ مقبول آهي جيڪڏهن ليڪشن وڙهي ته مون کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندو هن چيو ته سعودي جيلن ۾ اڪثر قيدي مزدور ها بدقسمتي سان ملڪ ۾ انهن کي نوڪريون نه مليون ۽ اهي سعودي عرب روزگار خاطر هليا ويا سعودي ولي عهد پاران پاڻ کي پاڪستان جو سفير چوڻ انداز آهي اميد ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿيندا. ٻئي طرف سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي ته پاڪستان کي خيرات نه ڏئي رهيا آهيون، سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون.  اسلام آباد ۾ شاهه محمود قريشي سان پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو ته سعودي عرب مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ته جيئن رخ مقرر ٿي، اسان سيڙپڪاري جو ارادو ظاهر ڪيو جنهن کي پاڪستان قبول ڪيو، هاڻي ٽيڪنيڪي ۽ مالياتي شعبي جا ماهر منصوبن تي ڪم ڪندا ۽ عملي صورت ڏيندا.  هن چيو ته اسان پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي خلاف سڪيورٽي سهڪار موجود آهي ۽ گهرا فوجي لاڳاپا آهن. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي ترقي جي ايندڙ درجي تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان تي پڪ نه هجي ها ته ڪڏهن به سيڙپڪاري نه ڪيون ها. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته ايران پاڻ دهشتگردي برآمد ڪندڙ ملڪ آهي پر ٻين تي دهشتگردي جو الزام هڻي رهيو آهي، ايراني پرڏيهي وزير دهشتگردي پکيڙڻ جو ذريعو آهي، ايران جي انقلاب کانپوءِ ايران دهشتگردي جو سڀ کان وڏو حامي آهي،  آمريڪا ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگرد حملن ۾ ايران ملوث رهيو آهي، ايران دهشتگرد تنظيمن کي هٿيار ۽ بارود ڏيندو آهي.  هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ ايران القاعده قيادت ۽ اساما بن لادن جي پٽ کي پناهه ڏني آهي، دهشتگرد آزاد نموني ايران ۾ چرپر ڪندا آهن،  سعودي عرب پاڻ ايران جي دهشتگردي جو نشانو بڻيو آهي پر اسان هوشيار آهيون، دهشتگردن ۽ سندن مددگارن خلاف ڪارروائي ۾ بي رحم آهيون، ايران طرفان يمن، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ داخلي معاملن ۾ مداخلت ڪئي ويندي آهي. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا سعودي عرب جو موقف آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجن مسئلن ۽ تڪرارن کي ٻطرفي نموني سان پرامن طور تي حل ڪن. ٻئي طرف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي شخصيتن پاڪ_سعودي دفاعي سهڪار سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته افغان طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور به موجود هو. سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشوراڻين صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن دفاعي ۽ فوجي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ سعودي شاهي خاندان جون اهم شخصيتون به شامل هيون. ان کانپوءِ محمد بن سلمان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ 11 رڪني پارلياماني وفد سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به شامل هئا. هوڏانهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سعودي ولد عهد محمد بن سلمان سان ملاقات دوران کيس گولڊ پليٽڊگن ۽ پينسل سان ٺهيل پورٽريٽ جو تحفو پيش ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ سعودي ولي عهد سان ملاقات ڪئي. رپورٽ موجب سينيٽ چيئرمين ملاقات جي موقعي تي سعودي ولي عهد کي پينسل سان ٺهيل پورٽريٽ پيش ڪيو، اهو پورٽريٽ مشهور مصور وقاص شائق پينسل جي مدد سان تيار ڪيو آهي. ان کان علاوه سينيٽ چيئرمين خاص طور تي تيار ڪيل گولڊ پليٽڊ گن به سعودي ولي عهد کي تحفي ۾ پيش ڪئي. هوڏانهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان برادر دوست ملڪ آهن، ٻئي هر ڏکين حالتن ۾ گڏ رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، چيف وهپ عامر ڊوگر ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير علي محمد خان شامل هئا. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو. اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته پاڪ سعودي ڀائپي وارن لاڳاپن تي پوري قوم کي فخر آهي.03

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں