آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف سميت 10 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو، جوابدارن پاران ڏوهه قبولڻ کان انڪار

1Shares

لاهور(بيورو) احتساب عدالت ن ليگي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سوڌو 10 جوابدارن تي آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق احتساب عدالت جي جج سيد نجم الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي شهباز شريف، احد چيما ۽ فواد حسن فواد سوڌو ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي شروع ٿي ته شهباز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب پي ايل ڊي سي جي اڳوڻي سي اي او طرفان ڏنل رڪارڊ کي ريفرنس جو حصو نه بڻايو، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ان جو فيصلو ڪير ڪندو ته رڪارڊ کي ريفرنس جو حصو نه بڻايو ويو آهي؟ شهباز شريف جي وڪيل چيو ته ضمني ريفرنس ۾ شهباز شريف کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، اسان کي فراهم ڪيل ريفرنس جي 18 واليم ۾ رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته اسرار سعيد، عارف مجيد بٽ، اڪبر ۽ ڪاشف جي بيانن کي به ريفرنس ۾ شامل نه ڪيو ويو، سندن بيانن جا نقل نه ملڻ انصاف ناهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ضمني ريفرنس جا نقل فراهم ڪيا وڃن، اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، نقل جون ڪاپيون فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۾ ته رنڊڪ ناهن. شهباز شريف جي وڪيل فرد جرم جي مخالفت ڪندي چيو ته قانون تحت ريفرنس جا نقل ڏيڻ کانسواءِ شفاف ٽرائل ممڪن ناهي، ريفرنس جون ڪاپيون ڏيڻ کانپوءِ ئي فرد جرم لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيلن جي نيب پراسيڪيوٽر سان منهن ماري ٿي، جنهن تي جج مداخلت ڪندي شهباز شريف جي وڪيلن کي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت چيو ته اهو رويو اختيار نه ڪيو، ايئن نه هلندو. عدالت چيو ته رڳو توهان جي چوڻ تي ڪيس جو فيصلو نٿا ڪري سگهون، توهان درخواست ڏيو ته شيون ڏسي فيصلو ڪيو ويندو. ڌرين جي وڪيلن جي دليلن کانپوءِ احتساب عدالت شهباز شريف سوڌو 10 جوابدارن تي آشيانا هائوسنگ اقبال اسڪينڊل ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف نيب رمضان شگر ملز ۾ جاچ مڪمل ڪندي رمضان شگر ملز جو ريفرنس به داخل ڪري ڇڏيو. ريفرنس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز کي نامزد ڪيو ويو آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں