چيف جسٽس جيڪو حڪم ڏنو، اهو لکت ۾ نه آيو، ڪيس ۾ سوالن جا جواب اڃا ناهن مليا: بلاول ڀٽو

1Shares

ميونخ(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب جو ادارو سياسي انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو، پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ اسان تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، 3 چونڊون ٿيون ۽ سويلين حڪومتن ۾ 3 ڀيرا اقتدار جي پرامن منتقلي ٿي، چوندا آهن ته 3 ڀيرا اقتدار جي منتقلي کانپوءِ آمريت طرف وڃڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، سمجهان ٿو ته اها پاڪستان، جمهوريت ۽ پيپلز پارٽي جي نظريي جي ڪاميابي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي مسئلا ڏسڻا پوندا، ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن قانون هجڻ گهرجن، اليڪشن ته ٿي پر جنهن قسم جي ڌانڌلي ٿي، اعتراض اٿاريا ويا، اهي سنگين آهن، قانون ۽ سسٽم اهڙو آهي جو سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عدالتن جو احترام ڪيو، تنهنڪري انهن ڪيسز تي سموريون پارٽيون تنقيد ڪنديون آهن پر حڪومت برداشت ناهي ڪندي، سپريم ڪورٽ ۾ بي نامي اڪائونٽس ڪيس ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي آهي، سمجهان ٿو ته اها تاريخي پٽيشن آهي. سندس چوڻ هو ته اها پٽيشن پاڪستان جي جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ آئيني سوال اٿاري ٿي، جڏهن کان ڪيس کنيو ويو، تڏهن کان هن وقت تائين مون کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو نه مليو، اها مون سان ناانصافي آهي، مون بابت ڪيس هلي رهيو آهي ته مونکي موقعو ملڻ گهرجي، آئين جو آرٽيڪل 10 سڀني شهرين کي فيئر ٽرائل جو حق ڏي ٿو، ڪيترائي مثال آهن ته منهنجي شفاف ٽرائل جو حق پامال ڪيو ويو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي جمهوري حقن تي حملا ٿي رهيا آهن، اسان جي پريس، اظهار راءِ جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن، چيف جسٽس عدالت ۾ چيو بيگناهه جو نالو جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، فيصلو وري ڪو ٻيو ٻڌايو وڃي ٿو، اهڙي ڪا به قانوني رڪاوٽ نه هئي ته پنڊي ۾ ڪيس هلائڻ ضروري هجي، جيڪڏهن مبينا ڏوهه سنڌ ۾ ٿيو، ايف آءِ آر، مبينا ثبوت سنڌ ۾ آهن ۽ ڪيس وري پنڊي منتقل ڪيو ويو، جيڪڏهن بينڪنگ ڪورٽ، جي آءِ ٽي، حڪومتي نمائندا به سنڌ ۾ آهن پر ڪيس پنڊي ۾ آهي، اسان ڪيس جي راولپنڊي ۾ ٻڌڻي خلاف به اعتراض ڪيو،  ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سعودي ولي عهد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي پاليسي ۾ اپوزيشن کي ڌار رکيو، کيس عوامي مسئلن جي حل لاءِ مفاهمت وارو دڳ اختيار ڪرڻ کپندو هو، پاڪستان نه دهشتگردي چاهي ٿو، نه دهشتگردي جي حمايت ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي نه حمايت ڪري ٿو نه ئي وري دهشتگردي چاهي ٿو. هن چيو ته، دهشتگردي خلاف پاڪستان عوام ۽ پيپلزپارٽي جي قربانين کي دنيا مڃيندي آهي، پاڪستان جي مستقبل لاءِ دهشتگردي ۽انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻو پوندو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين  چيو ته، وزيراعظم عمران خان پرڏيهي پاليسي معاملي ۾ اپوزيشن کي پري رکيو، بهتر ٿئي ها ته وزياعظم پرڏيهي پاليسي ۾ پارليامان جي راءِ شامل ڪري ها. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، اپوزيشن سان گڏجي مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان کي مفاهمت واري سياست ڪرڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته، خان صاحب کي اپوزيشن جي موڊ مان نڪري حڪومتي ذميواري کڻڻي پوندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، پاڪستان جو عوام مهانگائي جي سونامي جي ور چڙهيل آهي. هن چيو ته، ڪاروبار سعودي ولي عهد جي پاڪستان آمد تي ڀيلڪار چئون ٿا، پاڪستان کي سمورن ملڪن سان بهتر سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻا پوندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، پيپلزپارٽي چونڊن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، وائيٽ پيپرز تي ڪم جاري آهي، جلد چونڊن ۾ ڌانڌلي ثابت ڪنداسين.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں