ڪابل(م ڊ) طالبان پاڪستان ۾ آمريڪا سان امن ڳالهين کي رد ڪندي چيو آهي ته انهن جا گهڻا ميمبر سفر نه ٿا ڪري سگهن ڇو ته آمريڪا ۽ گڏيل قومن طرفان بليڪ لسٽ ۾ شامل آهن. افغان طالبان جي وفد کي افغان مفاهمتي عملجي سلسلي ۾ اڳ ئي طئي ٿيل شيڊول موجب اسلام آباد پهچڻو هيو پر گڏيل قومن ۽ آمريڪا پاران لڳايل سفري پابندين سبب طالبان پاڪستان ناهن اچي رهيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان طالبان جي قطر ۾ موجود سياسي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهيون ڪندڙ ٽيم کي افغان امن ڳالهين جي سلسلي ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻو هو جيڪو سفري پابندين سبب ملتوي ڪيو ويو پر ڳالهين لاءِ نئين تاريخ طئي ڪئي ويندي. افغان طالبان جي وفد جي وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي افغان مفاهمتي عمل واري خاص نمائندي خلمي خليل زاد ۽ ٻين اختيارين سان ملاقات ڪرڻي هئي پر دورو ملتوي ڪرڻ بابت وڌيڪ تفصيلن فراهم ناهن ڪيا ويا.واضح رهي ته افغانستان ۾ آمريڪا پاران مڇريل ڊگھي ويڙهه جي خاتمي لاءِ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن، ۽ ان سلسلي ۾ ڳالهين جو هڪ دور اڄ اسلام آباد ۾ شيڊول هيو. طالبان وفد جا 9 ميمبر گڏيل قومن ۽ آمريڪي پابندين جي فهرست ۾ شامل آهن. افغان طالبان پاران پاڪستان جو دورو هن وقت ملتوي ڪيو ويو آهي جڏهن ته افغانستان پاران گڏيل قومن ۾ افغان طالبان جي دوري تي احتجاج ڪيو ويو. گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ افغان نمائيندي پاران جمع ڪرائيل خط ۾ چيو ويو هو ته طالبان ۽ پاڪستان جون ڳالهيون افغانستان جي خودمختياري جي خلاف آهن. طالبان ۽ افغانستان جون مخالف ڌر وارين جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ ماسڪو ۾ 5 ۽ 6 فيبرپري تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ اهم معاملن تي اتفاق ڪيو ويو پر ان جا تفصيلن سامهون ناهن اچي سگھيا. افغان صدر اشرف غني پهريان به ڪيترائي ڀيرا طالبان کي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪا آهن پر طالبان افغان قيادت کي آمريڪا کي ڪٺ پتلي قرار ڏيندي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ هو سڌي ريت آمريڪا سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟