دي هيگ(م ڊ) انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڀارت پنهنجي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي رٽائرمينٽ جا ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. دي هيگ ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ڀارتي وڪيلن دليل ڏنا. سفارتي ذريعن موجب ڀارت ٻڌڻي دوران ڪلڀوشن ياديو جي رٽائرمينٽ جا ثبوت نه ڏئي سگهيو. سفارتي ذريعن موجب ڪلڀوشن ياديو کي حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان جاري پاسپورٽ تي به ڀارت عدالت ۾ تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو. سفارتي ذريعن موجب ڪيس ۾ ڀارت لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون آهن، حسين مبارڪ جي نالي سان پاسپورٽ ڀارتي حڪومت جاري ڪيو، ڪلڀوشن جعلي سڃاڻپ ڪارڊ تي سفر ڪندو رهيو آهي. ڀارتي وڪيل هريش سالوي چيو ته قونصلر پهچ بابت معاهدو آرٽيڪل 36 تي ترجيح نٿو رکي، ويانا ڪنوينشن ۾ جاسوس جي قونصلر پهچ تي به ڪا پابندي نه آهي، ڪلڀوشن ياديو کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. اٽارني جنرل پاڪستان انور منصور جي قيادت ۾ ڊاڪٽر فيصل ۽ خاور قريشي تي ٻڌل پاڪستان جو وفد عالمي عدالت ۾ موجود آهي. پاڪستاني وڪيل ڀارتي دليلن کانپوءِ اڄ ڪلڀوشن جي تخريبڪاري بابت ثبوت انصاف جي عالمي عدالت ۾ پيش ڪندا. پاڪستاني دليلن کان پوءِ 20 فيبروري تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو، جنهن کانپوءِ 21 فيبروري تي پاڪستان پنهنجا حتمي دليل ڏيندو. انصاف جي عالمي عدالت ڪلڀوشن ڪيس جي ٻڌڻي 18 کان 21 فيبروري تائين جاري رکندي. ٻئي طرف پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ پيش ڪيل ڀارتي دليلن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه هئي. جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڀارتي دهشتگرد ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جو پهريون ڏينهن هيو. سندس چوڻ هو ته ڀارت پنهنجا دليل ڏنا پر انهن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه هئي، ڀارت اسان جي اعتراضن تي جواب نه ڏنو، جڏهن ته ان ڳالهه جو جواب اڃا تائين نه ڏنو ته هن وٽ حسين مبارڪ پٽيل جو پاسپورٽ ڪٿان آيو ۽ 17 ڀيرا سفر ڪهڙي طرح سان ڪيو. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيو هو، ڀارت جواب نه ڏنو، جيڪڏهن اهو رٽائر هو ته ڪڏهن ٿيو؟ ڪو ثبوت؟ ڪا پينشن بڪ جي ڪاپي؟ ڊاڪٽر فيصل چيو ته هندستان بريت، آزادي ۽ ڪلڀوشن جي واپسي جو چوي ٿو پر ان ڳالهه جو جواب نٿو ڏي ته ڪلڀوشن جي دهشتگردي سبب متاثرن کي انصاف ڪيئن ملندو؟ اسان اڄ پنهنجا دليل ڏينداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟