مني لانڊرنگ ڪيس راولپنڊي منتقل ڪرڻ جي درخواست، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري

1Shares

راولپنڊي (م ڊ) نيب چيئرمين جاويد اقبال ميگا مني لانڊرنگ ڪيس بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي کان احتساب عدالت راولپنڊي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  نيب اختيارين ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صحيح سان دستاويز پيش ڪيا جنهن ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس کي روالپنڊي منتقل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. نيب چيئرمين طرفان چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ نيب مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ اختيارين کي حڪم ڏنو آهي تنهن ڪري ڪيس کي نيب ڪورٽ روالپنڊي منتقل ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.  قومي احتساب بيورو جي چيئرمين نيب آرڊيننس جي شق 16 اي تحت حڪم جاري ڪيا آهن. ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ نيب چيئرمين جي درخواست تي ڪيس ۾ نامزد آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين کي 20 فيبروري تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں