ولي عهد سعودي عرب ۾ قيد 2107 پاڪستانين کي ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد 2107 پاڪستانين کي ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سعودي ولي عهد جي حڪم بابت آگاهه ڪيو. فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته شهزادي محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد 2107 پاڪستانين کي ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي اهڙو آزادي جو حڪم جاري ڪيو آهي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستاني قيدين جي آزادي واري حڪم تي هڪ ويڊيو پيغام ذريعي پاڪستاني قوم طرفان ولي عهد جو شڪريو ادا ڪيو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں