اسلام آباد (بيورو) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستاني دوري بابت پاڪستان حڪومت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو. تفصيلن موجب پاڪستان حڪومت ولي عهد جي دوري جي سرڪاري پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، پڌرائي موجب محمد بن سلمان وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون بابت رقم ڪيو ويو. سياسي، سفارتي،اقتصادي، سيڙپڪاري جو فريم ورڪ طئي ڪيو ويو، دورو سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل کي قائم ڪرڻ ٻه طرفا لاڳاپن کي مضبوط ڪندو. دوري دوران سيڙپڪاري، واپاري لاڳاپن کي ترجيح ڏني وئي، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، سعودي عرب سان معاهدن، مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيو ويون، ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي ڀائپي وارا لاڳاپا مضبوط ٿيندا. پڌرائي موجب سعودي عرب پاران ڪرتارپور بارڊر کولڻ جي فيصلي جي ساراهه ڪئي وئي، سعودي عرب پاڪستان ڀارت کي ڳالهين جي آڇ جي ساراهه ڪئي، ٻنهي ملڪن جي علائقائي امن، مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي مسلمانن خلاف تشدد، انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل يواين ٺهراءُ، ڪشمير جي خواهشن موجب ٿيڻ گھرجي، ٻنهي ملڪن جي خطي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي تي واضح موقف آهي. ٻنهي ملڪن پاران ٻنهي ملڪن پاران ٻطرفو واپاري، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن تاريخي لاڳپن جي حوالي سان پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن دفاعي ۽ سلامتي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪرڻ سميت گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو. ٻنهي ملڪن افغان مسئلي جي سياسي حل، امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي قيام تي اتفاق ٿيو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وزارتي سطح تي هر 6 مهينن کانپوءِ ملاقات ۽ گڏيل ورڪنگ گروپس جو هر ٽن مهينن کانپوءِ ملاقات جو شيڊيول طئي ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ سعودي پرڏيهي وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، سعودي عرب سان گڏ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته 10 گڏيل ورڪنگ گروپس به قائم ڪيا ويا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب ويزا فيس ۾ گهٽتائي جو پاڪستان جو پراڻو مطالبو مڃي ورتو آهي، جڏهن ته وزيراعظم سعودي عرب کان حاجين لاءِ اميگريشن سهولت جي درخواست ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪ جهڙا چئلينجز درپيش آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت منصوبن ۽ معاهدن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟