شهباز شريف جي آشيانا هائوسنگ ۽ رمضان شگر مل ڪيس ۾ ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

6Shares

لاهور(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شوگر مل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ملڪ شهزاد احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت شهباز شريف جي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شگر مل ڪيس ۾ ۽ فواد حسن فواد جي رڳو آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت شهباز شريف کي 10-10 لک رپين جا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ فواد حسن فواد جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته نيب الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، شهباز شريف رمضان شگر مل جو ڪڏهن چيف ايگزيڪيوٽو ناهي رهيو، اصل بينيفشري بدران والد کي گرفتار ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، توهان جا مقصد ڪي ٻيا هوندا، نيب جو موقف تسليم ڪيو وڃي ته ڪو به اسيمبلي ميمبر ترقياتي ڪم نه ڪرائيندو، نيب چيو هو ته حمزه شهباز جي گرفتاريءَ جي ضرورت ناهي. شهباز شريف سوشل ميڊيا تي پنهنجي آزاديءَ جي حوالي سان لکيو ته الله جي مهرباني، امڙ جي دعائن، خاندان وارن جي محبت، پارٽي ورڪرز ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت سان منهنجي ضمير مونکي سڀني الزامن خلاف ڄمي بيهڻ جي همت ڏني. هن وڌيڪ لکيو ته ملندڙ دعائن ۽ تمام گهڻي پيار تي ٿورائتو آهيان. شهباز شريف چيو ته دعائن ۽ پيار جي جواب ۾ يقين ڏياريان ٿو ته جيستائين زنده آهيان، پنهنجون خدمتون عوام کي پيش ڪندو رهندس، الله تعاليٰ پاڪستان تي رحم ڪري. سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سچ جي فتح ٿي آهي، عدالتن جي سامهون پيش ٿياسين ۽ ٿيندا رهنداسين، جيڪڏهن هڪ ٽڪي جي ڪرپشن به ثابت ٿي وڃي ته سياست ڇڏي ڏيندس.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں