والاريل ڪشمير ۾ ڪار بم ڌماڪو، 44 ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

4Shares

سري نگر(م ڊ) والاريل ڪشمير جي ضلعي پلوامه ۾ ڪار بم ڌماڪو، 44 ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي زخمي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سينٽرل ريزرو پوليس فورس جي بس تي ڪار بم ڌماڪو پلوامه ضلعي ۾ سري نگر ڄمون هاءِ وي تي لٺ پورا واري هنڌ ٿيو. ڀارتي پوليس عملدارن موجب ڪار م سوار حملي آور بارودي مواد سان ڀريل گاڏي سي آر پي ايف جي بس سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ان کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو. عملدارن موجب ڌماڪي ۾ 44 سي آر پي ايف اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڀارتي فوج جي 92 بيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حملي کان پوءِ شاهراه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي, ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي انگ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي فوج جي قافلي ۾ 70 گاڏيون ۽ 2500 سيڪيورٽي اهلڪار شامل هئا، ڌماڪي سبب هڪ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان رسيو. سي پي آر ايف جي آءِ جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪو دهشتگردي جو واقعو لڳي ٿو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.  مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آورن پهريان بسن تي فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي قافلي سان ٽڪرائي ڇڏي. ٻئي طرف جيش محمد حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته اهو آپريشن گنڊي باغ پلوامه جي ڪمانڊو عادل احمد عرف وقاص ڪمانڊو انجام ڏنو. ياد رهي ته سيپٽمبر 2016ع ۾ اري واري هنڌ حملي آورن آرمي بيس ۾ داخل ٿي 19 ڀارتي اهلڪارن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں