حيدرآباد(بيورو) سنڌ يونائيٽيڊ پارتي جي صدر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت جو احتساب پنجاب تائين محدود آهي، آصف زرداري، مراد علي شاهه خلاف ثبوت هجڻ باوجود جاچ سرد خاني حوالي آهي. سنڌ ۾ احتساب اين آر او جي نظر لڳي رهيو آهي هن اهڙو اظهار ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. جلال محمود شاهه چيوته پيپلزپارٽي جي 24 سالن جي اقتدار جي دوران سنڌ جو وقار مجروه ٿيو آهي پيپلز پارٽي ذوالفقار ڀٽو دور کان وٺي ڪري آصف زرداري تائين اقتدار خاطر ملڪ ٽٽڻ جون ڳالهيون ڪري واڳ ڌڻين کي بليڪ ميل ڪيو آهي پي ٽي آٰء حڪومت ڇهن مهينن دوران صرف پنجاب ۾ احتساب ڪيو آهي آصف زرداري،مراد علي شاهه تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيڻ باوجود آزاد آهن. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف کي عوام ان جي لاءِ ووٽ ڏنو هو ته ڪرپشن مافيا خلاف سخت ڪاروايون ڪيون وينديون پر لڳي رهيو آهي ته سنڌ ۾ احتساب اين آر او جي ور چڙهيل آهي هن چيو ته ذوالفقارعلي ڀٽو اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بنگلاديشن جي مينڊيٽ کي قبول نه ڪيو هن چيو ته 1980 کان وٺي 2019 تائين پيپلز پارٽي 11 سال اقتدار جا مزا ورتا آهن جنهن دوران سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ ترقياتي فنڊن ۾ ڪرپشن ذريعي دولت ڪمائي آهي هن چيو ته آصف زرداري،بلاول ڀٽو زرداري،سيد مراد علي شاهه خلاف جڏهن به دائرو تنگ ٿيو آهي ته انهن کي سنڌ مان نڪرندڙ گيس تيل تي ملندڙ رائلٽي،18 ترميم ۽ هڪ ٻيو بنگلاديش ياد اچي ويندو آهي هن چيو ته پ پ جي اقتداري دور ۾ِ سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪرائڻ انهن کي کنڀي گم ڪرائڻ جي روايت وڌي وئي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو.کنڊ، ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي ورهاست ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪري هارين ۽ آبادگارن کي تباهه ڪيو پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضاڪيا هن چيوته ملڪ کي قومپرستن مان نه پر ڪرپٽ سيا ستدانن ۽ بيوروڪريٽس مان خطرو آهي جن ملڪ جا اربين روپيا هڙپ ڪيا آهن هن مطالبو ڪيو ته آصف زرداري سيد مراد علي شاهه ۽ انهن جي ساٿين خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت گرفتار ڪري اسلام آباد جي عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي.ان موقعي تي امير علي ٿيٻو،منورخاصخيلي، عبدالسميع چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .05
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟