چوڌري ڀائرن، حنا رباني ۽ غلام رباني کر سميت ڪيترين ئي شخصيتن خلاف جاچ جي منظوري

0Shares

اسلام آباد(بيورو) نيب چوڌري ڀائرن، حنا رباني، غلام رباني کر سميت ڪيترين ئي شخصيتن خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب/ ڏسو صفحو 7 نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ميگا ڪرپشن ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ 13 انڪوائريز جي منظوري ڏني. نيب جي ترجمان موجب چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي خلاف 3 انڪوائريز ڪيون وينديون. اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر، غلام رباني کر کي نيب انڪوائريز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. فاٽا هيلٿ سروسز ڊائريڪٽريٽ جي آفيسرن خلاف انڪوائري چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نيب بدعنواني جا 3 نوان ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني. اختيارن جي ناجائز استعمال تي ڪامران لاشاري، غلام سرور سنڌو ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو. پاڻي ۽ بجليءَ واري اڳوڻي سيڪريٽري شاهد رفيع ۽ ٻين خلاف ريفرنس ڪوئيٽا کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي. نيب ترجمان چيو ته ڊپلوميٽڪ شٽل سروس جو ٺيڪو ۽ لائيسنس غير قانوني طور تي ڏنو ويو، پختونخواهه ۾ صاف پاڻي منصوبي جي فنڊز ۾ گهوٻيون هڻي قومي ناني کي 195.043 ملين رپين جو نقصان رسايو ويو. ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال خطاب ڪندي چيو ته ميگا ڪرپشن جي سڀني ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، بدعنوانيءَ کي پاڙان پٽيو ويندو. هن چيو ته نيب احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي سختيءَ سان عمل ڪري رهيو آهي، بدعنواني سمورين برائين جي پاڙ آهي.05

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں