وفاقي ڪابينا توانائي جي شعبي ۾ سعودي عرب جي 5 منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي ڪابينا پنهنجي اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽  توانائي ڪميٽي ۾ ٿيندڙ فيصلن سميت ليجسليٽو ڪيسز جي ڊسپوزل لاءِ قائم ڪميٽي جي فيصلن جي به منظور ڏني. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سعودي ولي عهد جي پاڪستان دوري بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ولي عهد جي پاڪستان دوري دوران سيڪيورتي ۽ مختلف معاهدن بابت به آگاهه ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ۾ سعودي عرب سان معاهدن جا تفصيل پيش ڪيا ويا ۽ ڪابينا سعودي عرب جي توانائي جي شعبي ۾ 1،207 ارب ريال ماليت جي 5 منصوبن جي منظوري ڏني جڏهن ته ان دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ولي عهد جي دوري سان توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ابرين ڊالرن جي سرمائيداري ٿيندي. ذريعن موجب سعودي عرب ديامر ڀاشا سميت توانائي جي مختلف منصوبن ۾ سعودي عرب ڳري سرمائيداري ڪندو. وفاقي ڪابينا ڪي پي ٽي ٽرسٽ ۾ سلطان علي الانا جي استعيفيٰ ۽ عاطف باجوا کي ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري سان عدنان غني کي زرعي ترقياتي بينڪ جو صدر مقرر ڪرڻ ۽ اي او بي آءِ جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري به ڏني. 05

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں