ڇا رياست، آئين، فوج ۽ جمهوريت ايتري ڪمزور آهي جو هڪ ميمو سان لڏي وئي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي: سپريم ڪورٽ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ميمو گيٽ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا رياست هاڻي به ميمو گيٽ جو خوف محسوس ڪري ٿي؟ ڇا رياست پاڪستان، هٿياربند فوج ۽ اسان جو آئين ايترو ڪمزور آهي جو هڪ ميمو مان ڊڄي وڃون، عدالت ميمو گيٽ اسڪينڊل ڪيس اڪلائيندي چيو ته حسين حقاني جي گرفتاري رياست جو ڪم آهي، حڪومت چاهي ته حسين حقاني خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، آرٽيڪل 6 جي تحت ڪيس هلائڻو آهي ته هلايو وڃي، هاڻي سپريم ڪورٽ جو ان معاملي ۾ ڪو به واسطو ناهي، خميس ڏينهن چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اهو معاملو 8 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا جو شڪار آهي، ان معاملي ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي ۽ هڪ ڪميشن 2012ع ۾ معاملي جي رپورٽ ڏئي چڪي آهي، عدالت چيو ته اصل معاملو ميمو گيٽ جو آهي، جيڪو آمريڪا حڪومت کي لکيو ويو ۽ هاڻي نه حڪومت آهي ۽ نه حسين حقاني سفير رهيو، چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته حسين حقاني تي ڪجهه الزام آهن ۽ ان جي واپسي ضمني معاملو آهي، ان جي گرفتاري ۽ ٽرائل رياست جو معاملو آهي، رياست چاهي ته حسين حقاني خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي پر سپريم ڪورٽ جو هاڻي ان معاملي سان ڪو به واسطو نه آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا رياست، آئين، فوج ۽ جمهوريت ايتري ڪمزور آهي جو هڪ ميمو سان لڏي وئي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، هڪ سفير ميمو لکيو، ڇا موجوده حڪومت به ان ميمو کان ڪو خطرو محسوس ڪري رهي آهي، 8 سالن کان معاملو التوا هيٺ هيو، عدالت ڪميشن جوڙي، جنهن پنهنجون سفارشون ڏنيون ۽ ايف آءِ آر داخل ٿي وئي، رياست حسين حقاني کي ڏيهه آڻڻ چاهي ٿي ته آڻي، هاڻ ان معاملي سان سپريم ڪورٽ جو ڪو به واسطو ناهي، اسان جو آئين ۽ جمهوريت انتهائي مضبوط آهي، الحمد الله پاڪستان مضبوط ملڪ آهي.05

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں