ارشاد رانجهاڻيءَ جو قتل: وڏي وزير پاران ڪراچي پوليس چيف امير شيخ کي هٽائڻ جو حڪم، ڊي ايس پي ملير شوڪت شاهاڻي معطل

3Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پوليس ۾ سڌارن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، ارشاد رانجهاڻي جي واقعي مون کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، پوليس مجرماڻي غلفت ڪرڻ سان گڏ واقعي ۾ملوث آهي، جيڪڏهن ڪيس داخل نه ڪيو ويو  ۽ ضرورت پئي ته آئون پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ منجهند جو هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. ڪارروائي جي آغاز ۾ رحيم شاهه هٿان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي مغفرت لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، جڏهن ته ايوان ۾ اڳوڻي ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد علي شاهه ۽ انساني حقن جي ناليواري عالمبردار عاصمه جهانگير جي ورسي جي موقعي تي سندن جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. بعد ۾ متحده مجلس عمل جي ميمبر عبدالرشيد جي ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي بابت پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي وڏي سيد وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، پوليس کي جاچ لاءِ چئون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته پوليس تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، وڌيڪ ڳالهائيندس ته توهين عدالت جي زمري ۾اچي ويندو، هن چيو ته ارشاد رانجهاني جي واقعي جو 24 ڪلاڪن ۾ نتيجو نه آيو تنهن کان پوءِ مون جڊيشنل انڪوائري لاءِ لکيو، هن چيو ته قتل ٿيو آهي، پوليس ان ۾ ملوث آهي، آئون چوندس ته انسانيت ئي مري وئي آهي، هن چيو ته ماڻهو ڀلي چور هجي پر ان کي 5 گوليون لڳيون، تڙپندو رهيو، پر ڪنهن کي نظر نه آيو، پوليس ٻڌايوته هو ڦورو هو، پر وڊيو ۾ صاف ظاهر آهي ته قاتل بندوق کڻي گاريون پيو ڏئي، ان 5 گوليون به هنيون، وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جو واقعو 4 لڳي 45 منٽن تي ٿيو، ايمبولينس 5 وڳي آئي، پوليس 5 لڳي 5 منٽن تي پهتي، جيڪا زخمي کي اسپتال کڻي وڃڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي ۽ ساڍي 5 وڳي ٿاڻي کان اسپتال ڏانهن کنيو، کيس 6 لڳي 37 منٽن تي اسپتال پهچايو ويو، اها پوليس جي مجرماڻي غفلت آهي، ان غفلت ۾ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ايف آءِ آر داخل آهي ته پوءِ ڇا ڪنهن کي اجازت ڏئي سگهجي ٿي ته اهو جنهن تي ڪيس آهي ان کي ڀلي گوليون هڻي، هن چيوته سنڌ ۾ پوليس آزاد آهي، پر پوليس ۾ انسانيت نه رهي آهي، الله جو خوف ختم ٿي ويو آهي، سڀ پوليس وارا به خراب نه آهن، مون آءِ جي پوليس کي سخت حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، وڏي وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڊي آءِ جي کي هٽايو وڃي ٿو، پنجاب ۾ مهيني ۾ ٻه آءِ جي تبديل ٿي وڃن ٿا، اتي ڪا ڳالهه نه آهي، سنڌ لاءِ الڳ قانون آهي، سنڌ اسيمبلي جي قانون کي ختم ڪري پوليس آفيسرن جي بدلين ۾ عدالتي حوالو ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته صوبي ۾ عوام جي حڪمراني آهي، صوبي کي پوليس اسٽيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، ايوان ذريعي پوليس لاز تبديل ڪنداسين، ان لاءِ ايوان جي حمايت گهرجي، وڏي وزير چيو ته اسپيڪر ۽ ايوان اجازت ڏئي ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملان ۽ کيس ٻڌايان ته ڇا سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي، هن دردناڪ واقعي مون کي لوڏي ڇڏيو آهي، پوليس ۾ انسانيت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس آفيسرن جو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو، هن چيوته سنڌ اسيمبلي قانون پاس ڪيو ته زخمي کي ٿاڻي بدران خانگي يا سرڪاري اسپتال پهچايو ويندو، پوليس قانون جو تحفظ ڪرڻ بدران مجرماني غفلت ڪري رهي آهي، وڏي وزير چيو ته مخالف ڌر وارن کي هتي هجڻ گهرجي ها، ٻڌم ته هڪ ميمبر گوڙ ڪيو ۽ پوءِ مخالف ڌر وارا احتجاج ڪري هليا ويا،  وڏي وزير وزيراعظم عمران خان کي ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته عمران خان اچي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف سان ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪري ته پوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته مخالف ڌر وارا پي اي سي جي ڳالهه ڪن ٿا، متحده ۽ ف ليگ ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيح ئي نه ڪئي، پ پ ۽ نواز ليگ سائن ڪئي هئي، مخالف ڌر وارا غير جمهوري ڊمانڊ ڪن ٿا، انڊراسٽينڊنگ ذريعي ڪجهه ڪميٽين جي چيئرمين شپ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر پي اي سي چيئرمين شپ نه ڏينداسين، اهڙي ڊمانڊ ڪندڙ پهرين چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيح ڪن. ان کان اڳ  پوائنٽ آف آرڊرتي ڳالهائيندي ايم ايم اي جي  عبدالرشيد  چيو ته ارشآد رانجهاڻي ڪجهه به هو ،  هڪ انسان کي 5 گوليون هنيون ويون، هو زندگي جي خيرات  گهري رهيو هو، مون وڊيو ۾ قاتل ۽ زخمي کي به ڏٺو، بي حسي جو معاملو آهي، ڪنهن ۾ جرئت نه هئي ته زخمي کي کڻي اسپتال پهچائي، جنگ جا به اصول آهن، قاتل پسٽل کڻي ماڻهن کي چئي پيو ته ان کي مرڻ ڏيو، هن چيو ته 5 لڳي 5 منٽن تي پوليس آئي اسپتال کڻي وڃڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي، اسان  قانون پاس ڪرايو ته زخمي کي سرڪاري يا خانگي اسپتال ۾  علاج ڪرايو ويندو، پوليس به قانون تي عمل نه ڪيو، وڏي وزير کي قدم کڻڻ گهرجي، ملير پوليس شوٽر طور مشهور آهي، نقيب الله کان وٺي ارشاد رانجهاڻي تائين معاملا ٿيا آهن ڪير آهي انهن معاملن جي پويان، ڪير به ملوث هجي ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،  پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي به ڳالهائيندي  چيو ته افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي، پوليس جو ڪردار سٺو نه آهي، وڏو وزير ايڪشن وٺي، جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي،  ٻئي طرف  ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس لوڙهڻ ۽ جوابدار رحيم  شاھ کي بچائڻ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف امير شيخ کي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ايڊيشنل  آءِ جي امير شيخ کي هٽائي  نئون ايڊيشنل  آءِ جي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. امير شيخ تي ارشاد رانجهاڻي جو خوف لوڙهي رحيم شاھ کي بچائڻ جا الزام آهن. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي خط لکي  پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.  وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي تي عوام جو پوليس تان اعتماد ختم ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي  مان ثابت  ٿيو ته پوليس جي نگراني ضروري آهي.  آءِ جي سنڌ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ پوليس جي اسٽيٽ ناهي، عوام جو تحفظ ضروري آهي.  پوليس غير ذميواراڻو  زور ڏيکاريو، وقت تي واقعي واري هنڌ نه پهتي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ ڪليم امام وڏي وزير  جي حڪم تي ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ غفلت  ڪرڻ تي ڊي ايس پي ملير شوڪت شاهاڻي کي معطل ڪري ڇڏيو، شوڪت شاهاڻي جي جاءِ تي علي حسن شيخ کي نئون ڊي ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں