ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڌرتي ڌڻين کي جاڳائي ڇڏيو، سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج، ڪراچي ۾ ڪارساز وٽ هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

26Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان ) ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج وڪيل به روڊن تي نڪري آيا عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪراچي ۾ هزارين ماڻهن جو ڪارساز وٽ ڌرڻو. ڪراچي علائقي بينس ڪالوني جي چيئرمين رحيم شاھ هٿان ڦورو ڄاڻائي کلي عام بي دردي سان قتل ڪيل جست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي بي گناھ قتل خلاف سڄي سنڌ ٻري اٿي آھي سنڌ ٻين علائقن جيان راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي علائقي ڪارساز وٽ شاهراھ فيصل هزارين سنڌ واسين جو پر امن  ڌرڻو. ڌرڻي ۾ جسقم ايس ٽي پي, ايس يو پي, جسقم آريسر, جست,ايس اين پي جسقپ ف ليگ ڪيو اي ٽي صحافين سول سوسائٽي ۽ شھرين ھزارن جي تعداد شرڪت ڪئي. جيڪي بي گناھ شهيد ڪيل ارشاد رانجهاڻي جي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاھ سندس ساٿين مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري سزا ۽ کين سزا ڏيارڻ لاء اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا. ڌرڻي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي صنعان قريشي نصرت سحر عباسي اعجاز سامٽيو آصف بالادي سوڀ ڀٽي ماهين هيسباڻي الاهي بخش بڪڪ صحافين مشتاق سرڪي ماجد سمون گلشن شيخ سارنگ چانڊيو اديبن سارنگ منير سومرو خليل چانڊيو ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي  ڌرڻي کي خطاڪندي چيو ته اڄ سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتي کلي عام روڊن تي ڌارين هتان گولين جو کاڄ نڻايو پيو وڃي جيڪو جنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي اسان سنڌي پر امن ضرور آھيون پر ايترا به ڪمزور ناهيون جو اسان پنهنجن ڪونڌرن جا پلاند نه ڪري سگهون سنڌ سرڪار هن وقت به سنڌ دشمن قاتل کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي ارشاد رانجهاڻي جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ تان اسان خاموش نه ويهنداسين. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پ پ سرڪار قاتلن سان ٻٽ بڻيل آھي ۽ شھيد قومي ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جو خون لوڙھڻ چاهي ٿي پر سنڌ واسي جاڳي چڪا آھن ۽ ڪنهن به صورت ۾ قاتلن کي معاف نه ڪندا. جسقم آريسر جي امير آزاد پنهور چيو ته شهيد ارشاد رانجهاڻي جو قتل قومي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪو آھي پ پ حڪومت قاتلن کي بچائڻ جون ڪيتريون به ڪوششون ڪري پر هاڻي سنڌي خاموش نه ويهندا اسان پنهنجي نوجوانن جا لاش کڻڻ جو ٺيڪو نه کنيو آھي حڪومت ۽ انتظاميا اڃان به قاتلن خلاف قدم نه کنيون ته پوء حالتن جي ذميواري حڪومت تي هوندي. ايس يو پي جي اعجاز سامٽيو ۽ آصف بالادي چيو ته ڪيسيتائين سنڌ جي ڌرتي کي پنهنجن نوجوانن جي خون سان وهنجاريو ويندو سنڌين جي ووٽن تي حڪومت ڪندڙ وڏو وزير ۽ ان جي ڇاڙتن کي استعيفا ڏيڻ ڏيڻ گهرجي جيڪي پنهنجن جي وارثي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي رهيا آھن ارشاد رانجهاڻي جو خون رائيگان نه ويندو. ف ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته پيپلا پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاء ته هر وقت تيار آھن پر سنڌ جي نوجوانن جي ڌارين هٿان مارجڻ تي خاموش آھن ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پ پ به سنڌين جي دشمنن جي ساٿاري پارٽي آھي پ پ سرڪار پنهنجن ئي شھرن ۾ سنڌين کي ننڌڻڪو ڪري ڏوهاري قسم جي ڌارين وحشين حوالي ڪري ڇڏيو آھي . ٻين مختلف تنظيمن سول سوسائڻي جي اڳواڻن ۽ صحافين مشتاق سرڪي سارنگ منير سومري الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين چيو ته سرشاد رانجهاڻي جو قاتل رحيم شاھ 12 قتل سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل آھي ڇا اهو ملڪ جي قانون کان ايترو مٿاهون ۽ ڇا کيس کلي عام بي گناھ ماڻھن کي مارڻ جو لائسنس مليل آھي هن وقت تائين پوليس هن قاتل خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاء کيس تحفظ ڏنو پيو وڃي ۽ ھن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاء سنڌ سرڪار قاتل رحيم شاھ جي گرفتاري جو ڪوڙو ڊرامو رچائي رهي آھي. جڏھن سرڪاري جانچ ڪاميٽي جو سربراھ ڊي آئي جي پاڻ ئي چوي ٿو ته هي ڦر جو معاملو آھي ته پوء اسان اهڙي سنڌ دشمن جانچ ڪاميٽي کي ئي رد ٿا ڪريون جيڪا پوليس قاتل رحيم شاھ کي بچائڻ لاء پراڻن ٽن ڪيسن ۾ بي گناھ قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جو وجهي سگهي ٿي ان مان اندازو ٿئي پيو ته جانچ اڻڌري نه پئي ٿئي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاھ ۽ سندس ساٿين خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ۽ کين سزا ڏني وڃي.ڪراچي ۾ يوسي چيئرمين رحيم پٺاڻ جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ارشاد رانجهاڻي جي قتل واقعي خلاف حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي وڪيل برادري پاران عبد الرحيم چانڊيو، شهبازرند، حاڪم چانڊيو، وقار علي لغاري، اياز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪيوويو، ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي قاتل جي گرفتاري جي لاءِ سيشن ڪورٽ حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ،وڪيل برادري .ارشاد رانجهاڻي جي قتل سڄي سنڌ کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي هي قتل صرف ارشاد جو نه پر سڄي انسانيت جو قتل ٿيو آهي هنن چيو ته هو بيڏوهي هو کيس سرعام روڊ تي گوليون هڻي قتل ڪيو۽ مٿس ڦر جا الزام هڻندا رهيا جڏهن ته رحيم شاهه پٺاڻ پاڻ هڪ ڏوهاري گروپ جو هڪ سرگرم اڳواڻ آهي جنهن تي 15 کان مٿي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل پڻ آهن. سنڌ ميمڻ اتحاد جي اڳواڻن چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي گرفتار ڪري کين ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، اهڙو اظهار ڪالهه ميمڻ اتحاد حيدرآباد جي صدر نجيب احمد ميمڻ ، آفتاب ميمڻ، سجاد ميمڻ، منظور ميمڻ، سهيل ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌي ماڻهن کي بيدردي سان مارڻ جي اسين سخت لفظن ۾ مّزمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته اهڙن ماڻهن کي هن ماحول ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي جيڪو ڪنهن به ماڻهو کي بيدردي سان قتل ڪري لاش جي بيحرمتي ڪري لاش به نه کڻڻ ڏنو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي. اسين هر جماعت جي حمايت ڪنداسين جيڪا انسانيت جي حمايت ڪندا، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم پٺاڻ کي فوري طور تي گرفتار ڪري کيس سخت سزا ڏني وڃي. ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل مقتول ارشاد رانجھاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بار جي وڪيلن ايڊوڪيٽ ذوالفقار سانگي، شبير بوزدار، علي گل عباسي، منصور ميتلو،فقير اطهر ابڙو، شاهنواز وسير، قربان ڪلوڙ، فرزانه کوسو، فرح ديبا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۽ سيشن ڪورٽ سکر ٻاهران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن ارشاد رانجھاڻي جي قتل جي مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث بدماش رحيم شاهه ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. شهيد ارشادي رانجھاڻي جي قتل کي لوڙهڻ ۽ قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاه جي گرفتاري لاءِ جسقم ب گروپ، ايس ٽي پي، سُجاڳ نوجوان سنگت ۽ شهري ايڪشن ڪميٽي جي عادل لغاري، شان حيدر قريشي، نظير لغاري، محمد اشرف ٿهيم، سيد وفا شاه جي اڳواڻي ۾ جاتي  جي مخدوم بلاول چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، احتجاجي ريلي ۾ مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هُئا جنهن تي قاتل يوسي چيئرمين رحيم شاه پٺاڻ جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي لکيل هُئي، احتجاجي ريلي مقرر هندن تان ٿيندي شهر جي شهيد فاضل راهو چوڪ تي پهتي جتي مُظاهرين پاران 2 ڪلاڪن لاءِ احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عادل لغاري، سُجاڳ نوجوان سنگت جي صدر شان حيدر قريشي، جسقم (ب) گروپ ضلعي سُجاول صدر نظير احمد لغاري، ايس ٽي پي تعلقي جاتي جي صدر محمد اشرف ٿهيم، شهري ايڪشن ڪميٽي جي سيد وفا شاه، ڪامريڊ بابو ٿهيم، علي اڪبر هنڱورو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سموري سنڌ ۾ سنڌي قومپرستن، سماجي اڳواڻن  کي کنڀڻ ۽ رياست پاران سياسي قتلام جو سلسلو ته اڳئين جاري هو پر هاڻي سنڌ جي راڄداڻي ۾ سنڌي قومڇرستن ۽ سماجي اڳواڻن کي سرعام قتل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث رحيم پٺاڻ کي سرعام ڦاسي ڏيڻ لاءٌ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پاران ضلع صدر اقبال حاجاڻو جمن سمون صابر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل ڪارڪنن رحيم پٺاڻ کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هنن چيو ته ڪراچي ۾ شهيد ارشاد رانجهاڻي جو بيداردي سان قتل جي مذمت ڪريون ٿا ٻئي پاسي سنڌي شاگرد اتحاد پاران به سڪندر ڦلڪارو مشاهد مزاري سجاد کوسو ۽ ٻين پاران به شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث رحيم پٺاڻ جي سرعام ڦاسي ڏيڻ لاءٌ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ضلع بار ايسوسيئيشن پاران ارشاد رانجهاڻي قتل خلاف ضلع نوشھروفيروز جي مڙني ماتحت بارن جو ڪاروھنوار ٺپ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ضلع بار جي سڏ تي مڙني تعلقه بار نوشھرو فيروز, مورو, ڪنڊيارو, ڀريا ۽ محرابپور جي بارن پاران ڪراچي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي بي رحماڻي قتل خلاف عدالتن جو ڪاروھنوار معطل ڪري احتجاجي مظاھرو ضلع بار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

26Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں