سنڌ اسيمبليءَ ۾ نواب تيمور ۽ نصرت سحر ۾ ڏند چڪ، گوڙ، حڪومتي ڌر مذمتي ٺهراءُ پاس ڪرائي ڇڏيو

8Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي هڪٻئي خلاف جملي بازي، مخالف ڌر جو احتجاج، واڪ آئوٽ، سرڪاري ڌر مخالف ڌر ميمبر جي روئي خلاف مذمتي ٺهراءُ پاس ڪرائي ڇڏيو، تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن دوران مخالف ڌر جي ميمبر نصرت سحر عباسي صوبائي وزير کان سوال ڪيا ته پ پ ميمبر تيمور ٽالپر وچ ۾ ڳالهائيندي نصرت سحر کي  مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجي مڙس کي ته نوڪري  به پ پ جي دور ۾ ڏني وئي، جنهن تي نصرت سحر عباسي چڙي پئي ۽ تيمور ٽالپر کي جواب ڏيندي چيو ته بڪواس بند ڪر، تون سدائين ماحول خراب ڪندو آهين، ان بعد نصرت سحر عباسي احتجاج ڪندي پ پ  جي ميمبر جي سيٽ طرف وڌي ان دوران مخالف ڌر جا ٻيا ميمبر به احتجاج ۾ شامل ٿي ويا ۽ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو مخالف ڌر جا ميمبر  ڳالهائيندا رهيا، ان دوران سرڪاري بئنچن تان به ميمبرن جملا چيا ته ماحول وڌيڪ خراب ٿي ويو، نصرت سحر بار بار تيمور ٽالپر طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ان دوران ميمبرن وچ ۾ پئي معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پ پ جي صوبائي وزير سعيد غني پهچي نصرت سحر عباسي کي احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ کيس خاطري ڪرائي ته معاملو حل ڪيو ويندو، ان بعد مخالف ڌر جا ميمبر سيٽن تي ويهڻ بدران ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، ان دوران صوبائي وزير امتياز شيخ ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر وارن ايوان کي يرغمال بڻايو آهي، اهو طرز عمل درست نه آهي، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ٻنهي پاسن کان جملا چيا ويا، جيڪڏهن اسان جي ڪنهن ساٿي جي جملي سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿو، جڏهن ته پ پ ايم پي اي سعديا جاويد ايوان ۾ ميمبر نصرت سحر عباسي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو پاس ڪيو ويو، سعديا جاويد چيو ته نصرت سحر عباسي جي استعمال ڪيل غلط لفظن جي مذمت ڪيان ٿي، جيڪڏهن ميمبر ايوان جي عزت نه ٿي ڪري ۽ ساٿين تي لعنت وجهي ٿي ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي واري روايت سنڌ اسيمبلي ۾ آڻڻ چاهي ٿي پر هتي ائين ٿيڻ نه ڏنيداسين، پ پ ميمبر تيمور ٽالپر چيو ته مخالف ڌر ميمبر کي صرف اهو چيوته سندس مڙس کي نوڪري پ پ حڪومت ڏني، ان ڳالهه تي ايترو گوڙ ڪيو ويو ۽ حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهو عمل غلط آهي. ان بعد ايوان مان مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ان بعد اسپيڪر اجلاس 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

8Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں