آءِ ايم ايف پنهنجي پوزيشن تبديل ڪري ڇڏي، پاڪستان جي معيشت بابت قدمن تي اتفاق ٿي ويو آهي: اسد عمر

4Shares

پشاور(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف پنهنجي پوزيشن تبديل ڪري ڇڏي آهي، تنهنڪري ٺاهه سٺو ٿيندو، جنهن جي ويجهو اچي ويا آهيون. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته  آءِ ايم ايف ۽پاڪستان جي انگن اکرن جي فرق ۾ گهٽتائي ٿي آهي، آءِ ايم ايف پنهنجي پوزيشن تبديل ڪئي آهي، ساڻن سٺو ٺاهه ٿيندو ۽ لڳي ٿو ته ٺاهه جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٺاهه کي آخري ٺاهيون. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي معيشت بابت قدمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ڪنهن کي ٻاهران اچي ٺيڪ ناهي ڪرڻو، اسان ئي ٺيڪ ڪنداسين، اسان بهتر فيصلا ڪنداسين ته معيشت اٿندي ۽ اهو رڳو سيڙپڪاري سان ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڳالهيون گهڻيون ٿي ويون، هاڻي ڪم شروع ڪرڻو آهي، ٽيڪس نيٽ جو دائرو وسيع ڪرڻ ضروري آهي، جنهن کانسواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون، ايف بي آر جي ڇاپن ۽ آڊٽ سان ٽيڪس نيٽ نه وڌندي، ڪوشش آهي ته ننڍي واپاري لاءِ نهايت سولو ٽيڪس  سسٽم آڻيون جيڪو هڪ صفحي تي ٻڌل هجي، سال ۾ هڪ ڀيرو ٽيڪس جمع ڪرائڻو پوندو، اهو سسٽم اسلام آباد ۾ ڪامياب ٿيندو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ لاڳو ڪنداسين. هن چيو ته بجيٽ ۾ خواهش آهي ته سمورن ماڻهن لاءِ ٽيڪس فارم ۾ سولايون پيدا ڪيون وڃن ۽ جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار ۾ به سولائي هجي، اڃا ڪم ڪرڻ جي شروعات آهي، اڳتي وڌيڪ شيون بهتر ڪنداسين جيڪو ايندڙ بجيٽ ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته انڊسٽري ۾ لوڊشيڊنگ نه هجڻ گهرجي، سال ۾ 2 مهينا اهڙا ٿيندا آهن جنهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ گئس نه هوندي آهي، تاپي گئس منصوبو ختم نه ٿيو آهي، ان تي ڪم هلندڙ آهي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں