اصغر خان ڪيس ۾ پاڪ فوج جي ملوث آفيسرن خلاف 4 هفتن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم

6Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ پاڪ فوج جي ملوث آفيسرن خلاف 4 هفتن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ اصغرخان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت 4 هفتن اندر پاڪ فوج جي ملوث آفيسرن خلاف جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت قرار ڏنو ته ايف آءِ اي رپورٽ جو جائزو بچاءَ واري وزارت جي جواب سان ورتو ويندو ۽ جائزو وٺنداسين ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو يا نه. ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته فوجي آفيسرن خلاف بچاءَ واري وزارت ڪورٽ مارشل لاءِ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ ان تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ معاملو اڳيان وڌندو، فراڊ ٿئي يا قومي ناڻي کي نقصان پهچي ته ڪنهن به وقت ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو. جسٽس اعجاز الاحسن ان موقعي تي چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ 28 سال اڳ 184 ڪروڙ رپين جي رقم استعمال ٿي. بئنچ جي سربراهه جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته ايم ڪيو ايم ۽ باني ايم ڪيو ايم کي به پئسا مليا هئا، ڪيس ۾ ان جو نالو سامهون ناهي آيو ۽ نه ئي ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾؟ اٽارني جنرل جواب ۾ چيو ته ايف آءِ اي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم باني جو نالو هو، اهو باني پاڪستان ۾ ناهي، ان حوالي سان برطانوي حڪومت سان ڳالهيون هلندڙ آهن. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم باني ۽ ٻين ڪجهه جوابدارن کي حوالي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن، تمام جلد اهم اڳڀرائي ٿيڻي آهي.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں