ڪراچي (نمائندن وٽان) قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج مظاهرا ڌرڻا مک قاتل رحيم پٺاڻ کيگرفتار ڪرڻ جو مطالبو جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف سچي سنڌ ۾ قومپرستنپارٽين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جيئي سنڌ تحريڪ ايس يو پي سميت هزارين قومپرستن گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو قومپرست اڳواڻ الاه بخش بڪڪ ۽ ٻيا ڌرڻي ۾ شامل هئا پوليس آفيسرن ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيون پر ڪامياب نه ٿي سگهيون، قومپرست اڳواڻن ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي بااثر رحيم پٺاڻ قتل ڪيو آهي جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رهندو. يوسي ڀينس ڪالوني جي چيئرمين افغاني رحيم شاهه پاران قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي دردناڪ قتل واري هنڌ ڀينس ڪالوني موڙ قومي شاهراهه تي سنڌ جي سياسي، سماجي، قومپرستن، اديبن، دانشورن، وڪيلن، صحافين ۽ ساڃاوندن پاران آچر ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڌرڻو ڏئي قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري قاتل جي گرفتاري جي گهر ڪندي اڳواڻن چيو ته قاتل رحيم شاهه کي گرفتار ڪري ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، هنن چيو ته سڄي سنڌ اڄ ارشاد رانجهاڻي جي بيگناهه قتل خلاف سراپا احتجاج آهي ۽ سنڌ جي هر اک اشڪبار آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو اها صدا هڻي رهيو آهي ته رحيم شاهه کي ڦاهي تي ٽنگيو وڃي، هنن چيو ته رحيم شاهه ڪرمنل قسم جو ڏوهاري آهي جنهن تي سکڻ ٿاڻي تي ايف آئي آر نمبر 143/93، 50/90، 130/93 جي تحت ڏوهي قسم جا قلم لاڳو ٿيل آهن جڏهن ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ سڌو سئون ملوث آهي، هنن چيو ته افغاني رحيم شاهه هن وقت تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ان جي پٺ ڀرائي کان هٿ نٿي کڻي، هنن چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي خون سان انصاف ٿيندو اڄ سڄي سنڌ هن احتجاج ۾ شامل آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان قاتل جي گرفتاري لاءِ احتجاج مظاهرا ۽ ڌرڻا ڏنا ويا آهن، هنن چيو ته ڌارين جي ظلم ۽ سازش کان ڇٽڪارو فقط اسانجي ايڪي ۽ ٻڌي ۾ آهي جيڪو اڄ اسانکي ارشاد رانجهاڻي جي قرباني کان بعد نظر اچي رهيو آهي، اڳواڻن چيو ته ڌارين جو سوشل بائيڪاٽ ڪجي ٿو، انهن جي روزمرا هيٺ ايندڙ استعمال کان هر سنڌي لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته سنڌ ۾ ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو ڪندي عالمي انساني حقن جي تنظيمون سنڌ ۾ ٿيندڙ هر قسم جي جبر،زيادتي ظلم ۽ انساني ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺن، هنن چيو ته سنڌي ماڻهو هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا آهن هاڻي هو افغاني رحيم شاهه کي ڦاهي تي چاڙهي دم وٺندا ۽ سنڌ طرف هر قسم جي ميري اک کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، هنن چيو ته سنڌ ڌارين جي يلغار کي گهڻو برداشت ڪيو آهي، مهمان نوازي جي سزا اڄ اها ملي آهي ته اسين پنهنجي نوجوانن جا لاش ڪلهن تي کڻو ٿا، ان موقعي تي شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري هنڌ جيئي سنڌ جو جهنڊو چاڙهي ان مقام شهيد سان منسوخ ڪيو ويو، احتجاج کي جيئي سنڌ تحريڪ جي مسعود شاهه، ايس يو پي جي اعجاز سامٽيو، ايس ٽي پي جي خيرمحمد مگسي، جسقم آريسر جي عدم سولنگي، جسقم بشير ضمير حاجاڻو، جساف جي ڪاشف شر، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ اصغر باغي، خليل چانڊيو، امتياز دانش، آڪاش کٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو، احتجاج سبب قومي شاهراهه بلاڪ ٿي وئي، جڏهن ته رينجرز پوليس جو وڏو انگ موجود هو ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪري قاتل جي گرفتاري لاءِ جدوجهد کي سڄي سنڌ ۾ جاري رکڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ٻئي طرف ملير ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي نياز بليدي، فرمان سانگي، پرويز ميمڻ، ڊي ايم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ٿيل مظاهري ۾ سنڌ نيشنل پارٽيءَ جي هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي مظاهري ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اڀ ڏاريندڙ نعرن ۾ اها گهر ڪندا رهيا ته قاتلو حساب ڏيو ظلم جو جواب ڏيو. سنڌ نيشنل پارٽيءَ پاران ٿيل مظاهرو ملير جي مختلف رستن کان ٿيندو ملير جي مين چوڪ تي پهتو جتي مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيو ته ڌرتي ڌڻين کي ڪراچيءَ ۾ هيسائڻ لاءَ اهڙيون بزدل ڪاروائيون ڪيون پيو وڃن جن کان اسان ڪڏهن به ڊڃڻ وارا نه آهيون. شھيد ارشاد رانجھاڻيء جي قاتل رحيم شاه ۽ سندس ساٿارين کي گرفتار ڪري،جوڳي سزا ڏيڻ لاء،نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيء جي مرڪزي صدر ممتاز بروھيء،جيئي سنڌقومي محاذ ڪراچي اولھ جي صدر اصغر بروهيء،فدا رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خميسوڳوٺ نئين ڪراچيء ۾ ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي،مين روڊ تي ڌرڻوهنيو ويو. سوين ماڻھن جي احتجاجي ريلي،جنھن ۾ شريڪ پارٽين جا ورڪرتوڙي شھرين ،ارشاد راجھاڻيء جي قاتلن جي گرفتاريء لاء اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا ھئا،خميسي ڳوٺ جي مين بازار کان ٿيندي ،مين روڊ تي پھتي،جتي ريلي احتجاجي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟