دبئي(م ڊ) وزير اعظم عمران خان سان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي مينجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ ملاقات ڪئي. وزير اعظم عمران خان جي آءِ ايم ايف جي منيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ سان ملاقات دبئي ۾ ٿيندڙ ورلڊ گورنمنٽ سمٽ جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير سميت ٻيون اختياريون موجود هيون. ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهيون ڪيون ويون. عالمي مالياري اداري جي منيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لوگارڊ چيو ته وزير اعظم عمران خان سان سٺي ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۾ هلندڙ معاشي ترقي ۽ مستقبل جي امڪانن تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان سان جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهيون کي نظر ۾ رکندي ڳالهيون ٿيون. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي موجب فيصلو ڪندڙ پاليسين ۽ معاشي سڌارن جي مضبوط پيڪيج سان پاڪستاني معيشت ۾ مضبوطي ايندي.آءِ ايم ايف پاڪستان کي ايندڙ مالي سال دوران 6 ملين ڊالر قرض ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. حڪومت جي معاشي وفد ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ملاقاتن ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان جي شرطن کي مڃيندي قرض ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته هو پنهنجي اداري ايف بي آر ۾ سڌارا آڻيندا. معاشي وفد آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان سوشل سڪيورٽي نيٽ ورڪ ۾ اڳ کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويندو. حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته پنهنجي خرچن ۾ وڌيڪ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي ويندي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي وفد حڪومت جي بجلي جا وڌيڪ اگهه نه وڌائڻ جو موقف قبول ڪيو آهي ڇو ته هو اڳ ئي وڌايل اگهن تي متفق آهن. ملاقات دوران وزيراعظم عمرنا خان آءِ ايم ايف سربراهه کي ٻڌايو ته پاڪستان معاشي سڌارا آني رهيو آهي. ڪرسٽين لوگارڊ چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي. پاڪستاني معيشيت ۾ استحڪام معاشي سڌارن سان ايندو، وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف سربراهه وچ ۾ ملاقات تي بيل آئوٽ پيڪيج تي اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايم ايف جي پڌرنامي موجب پاڪستان سان معاشي سڌارن تي اتفاق ٿيو آهي. ٻئي طرف شاهه محمود قريشيءَ چيو ته آءِ ايم ايف سان معاشي سڌارن تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم ۽ ڪرسٽين لوگارڊ جي ملاقات فائديمند رهي. آءِ ايم ايف سان هم آهنگي ٿي وئي آهي. بنيادي نقطن تي آءِ ايم ايف سان اتفاق ٿيو آهي. جلد ٽيڪنيڪل تفصيل طئي ڪيا ويندا. ٻئي طرف دبئي ۾ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪندي . وزيراعظم عمران خان چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر بدقسمتي سان پاڪستان ترقي جي رفتار برقرار نه رکي سگهيو جنهن سبب ماضي جا حڪمرانن جو عوام جو پئسو عياش ۾ اڏارڻ هو، ماڻهو ماضي جي حڪومتن تي اعتماد نه ڪندا هئا ان لاءِ هو ٽيڪس نه ڏيندا هئا. هن چيو ته ماضي ۾ ٽيڪس جو پئسو حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ٿيندو رهيو. عمران خان چيو ته ترقي جي بنيا دئي بهتر طرز حڪمراني آهي، خيرات ۾ اسان تمام اڳتي ۽ ٽيڪس ڏيڻ ۾ تمام پوئتي آهيون، جڏهن ماڻهو ايترا سٺا آهن ته ٽيڪس ڇو نه ٿا ادا ڪن، ان جو سبب ماڻهن جي حڪمرانن تي اعتماد جي کوٽ آهي، ڪرپشن سان ٽيڪس جو پئسو چوري ٿيندو آهي.هن چيو ته سڌارا ڏکيا آهن پر ضروري آهن، جڏهن اوهان شڪست مڃي وٺندا آهيو تڏهن ئي اوهان کي شڪست ملندي آهي، جڏهن اوهان سڌارا ڪندا آهيو ته ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اسان معاشي سڌارا ڪري رهيا اهيون، سرمائيدار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ گڏيل عرب امارات جي ايئرلائن جوڙڻ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ائيرلائنز معاونت ڪئي هئي، اسان کي پنهنجي ٽيلينٽ کي اڳتي آڻڻو پوندو، مان پاڪستان کي تمام مٿي کڻي وڃڻ چاهيان ٿو.هن وڌيڪ چيو ته مون غلطين مان سبق سکيو آهي، سرمائيدارن کي چوان ٿو ته هي وقت آهي پاڪستان ۾ سرمائيداري ڪرڻ جو، سرمائيدار هن بهترين موقعي کي ضايع نه ڪن. وزير اعظم عمران خان چيو ته خوشي آهي ته اسلامي دنيا ۾ به اهڙي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، 60 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ يو اي اي جي ايئرلائن سان پي آءِ اي سهڪار ڪيو پر بدقسمتي سان پاڪستان ترقي جي رفتار برقرار نه رکي سگهيو. وزير اعظم چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرڪيٽ کان سياست ۾ ڪيئن آيس اِهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون پاڪستان ۾ ڇا چاهيان ٿو، منهنجي ماءُ ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪيو ته احساس ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪا به ڪينسر جي اسپتال ناهي، ڪرڪيٽ کان ريٽائرڊمنٽ بعد اسپتال بڻائڻ تي ڌيان ڏنو جڏهن ته اسان خيرات مان گهڻو اڳتي ۽ ٽيڪس ڏيڻ ۾ گهڻو پوئتي آهيون. عمران خان چيو ته جڏهن ماڻهو ايترا سٺا آهن ته پوءِ ٽيڪس ادا ڇو ناهن ڪندا ان ڪري ماڻهو ماضي جي حڪومتن تي اعتماد ناهن ڪندا ۽ ٽيڪس ناهن ڏيندا، ڪرپشن سان ٽيڪس جو پيسو چوري ٿيندو آهي ان ڪري سڌارن ۾ ڏکيائي آهي پر ضروري آهي. هن چيو ته ترقي جو بنياد رکو بهتر حڪمراني آهي، حڪومت شفاف ٿيندي ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، معاشي سڌارن سان سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن ان ڪري ٻيا سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو اِهو موقعو ضايع نه ڪن ۽ پاڪستان ۾ سياحت جا سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان سهڪار کي ساراهيندي چيو ته اسان مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟