شهدادپور (ن هه) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌو درياءَ تي ڊيمن، ڌاري آباد ڪاري، قومي ڪارڪن جي گمشدگي ۽ خراب حڪمراني خلاف شهدادپور جي هالا چوڪ کان ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر رسول بخش خاصخيلي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي سربراهه نواز خان زنئور، عوامي جمهوري پارٽي جو جنرل سيڪريٽري آدم ٽالپر، جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، ايس. يو. پي اڳواڻ روشن ٻرڙو جي اڳوڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا اسٽيشن روڊ تي هڪ وڏي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي ان موقعي تي شهر جي علي چوڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي، سنڌ ڊيمن خلاف مسلسل احتجاج پئي ڪري، هن چيو تہ ڪرپشن سبب زرداري گرفتاري جي ڊپ کان جلسا پيو ڪري هن چيو ته زرداري جي گرفتاري تي سنڌ خوشي جو اظهار ڪندي، هن چيو ته سنڌ مان ڌاري آباد ڪاري کي نيڪالي ڏني وڃي، قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، جڏهن تہ جلسي کي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ اسان جي ماءُ آهي جنهن جي وجود جي بقا لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي، شهيد ارشاد راجهاڻي جي قاتل کي گرفتار نه ڪري حڪومت پنهنجي بيوسي جو اظهار پئي ڪري، عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ تي ڪو به ڊيم قبول ناهي، حڪمرانن کي ان هوڏ تان لهڻ گهرجي، نت سنڌ جو ماڻهو سندن گهيراءُ ڪندو، جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مالڪي لاءِ نڪتا آهيون، حڪمران پنهنجو رويو ٺيڪ ڪرڻ ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو سندس گهرن تي توا ٽنگيندا، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ زنواز خان زئور خطاب ۾ چيو ته سنڌ سنڌو درياهه تي ڊيمن ٺاهڻ جي حق ۾ ناهي، سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم سميت ڪو به ڊيم قبول ناهي، هن چيو ته ارشاد راجهاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن بي صورت ۾ اسان سمجهندا سين ان قتل ۾ حڪمران ملوث آهن، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خير پوري چيو ته ڌاريو ماڻهو هاڻي گوليون هڻي ماري پيو، 1954 کان پوءِ آيل ڌاري ماڻهو کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، عوامي جمهوري پارٽي جي خادم ثالپر خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ ڊيمن جو راڳ هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، جلسي کي خطاب ڪندي جسقم مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام چيو ته ارشاد راجهاڻي جو قتل ڌارين ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏئي سياست ۾ شامل ڪرڻ جو نتيجو آهي، ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، جڏهن ته جلسي کي روشن ٻرڙو، دودو ديشي، عزيزالله ٻوهيو سنڌ ايڪشن ڪميٽي ضلع سانگهڙ اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان پنهور.باغي مجاهد .اي جي پي مرڪزي جنرل سڪريٽري خادم حسين ٽالپر .عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي. بار اسوسيئنيشن شھدادپور ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ سومرو.منور خاصخيلي منور شيخ اسلم آزاد خاصخيلي.بهادر رند.اظھر اقبال خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جنهن تي پنهنجو سر قربان ڪنداسين، پر سنڌ مٿان ڪو به ڊيم قبول نه ڪنداسين، ارشاد راجهاڻي جو قتل سنڌ ۾ ڌاري ماڻهو کي ووٽ جو حق ڏئي سياست ۾ شامل ڪرڻ جو نتيجو آهي،هنن چيو ته بيگناه ماڻهن کي جبري گم ڪري کين ٽاررچر ڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي .۽ ڌارين جي آبادڪاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي حقن کي ڌاڙو هنيو پيو وڃي هنن چيو ته رمشا وساڻ سميت سنڌ جي نياڻين سان ظلم ڪيو پيو وڃي پر لاقانونيت جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي علي چوڪ ۾ ڌرڻو پڻ هنيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟