ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙن مان ڪنهن کي نه ڇڏينداسين، کين اين آر او ڏيڻ ملڪ سان غداري هوندي: عمران خان

4Shares

بلوڪي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنهن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو ان مان ڪنهن کي نه ڇڏيندس ۽ جيڪو به سوچي رهيوآهي ته حڪومت ڪنهن کي اين آر او ڏيندي ته اهو اِهو سمجهي ته جيڪڏهن اسان اين آر او ڏينداسين ته ملڪ سان غداري ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان بلوڪي ۾ ٻوٽو لڳائي ”پلانٽ فار پاڪستان“ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته وڻ لڳائڻ شوق ناهي پر زندگي ۽ موت جو سوال بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي گدلاڻ لاهور ۽ دلي ۾ آهي، ٻيلن جي کوٽ سبب ماحولياتي گدلاڻ جي متاثر ملڪن ۾ پاڪستان اٺين نمبر تي آهي، ملڪ کي ڪرپٽ ۽ قبضاخورن کان بچائينداسين، حددخليون ختم ڪري ٻيلن جي زمين واپس وٺنداسين. عمران خان خطاب دوران هڪ ڀيرو ٻيهر اين آر او بابت خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي. هن چيو ته اڄڪلهه اين آر او جون وڏيون ڳالهيون پيون هلن، اين آر او اهو هوندو آهي جو اوهان وڏن ڏوهارين کي معاف ڪري ڇڏيو، ٻن اين آر او ملڪ کي تاريخي نقصان پهچايو، اڄ جيڪي اسان جون حالتون آهن، ملڪ قرض ۾ ٻڏل آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻه اين آر او ڏيڻ آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته هڪ اين آر او مشرف نواز شريف کي ڏنو جنهن ۾ شريف ڀائرن خلاف حديبيا پيپرز ملز ڪرپشن جو ٺهيل ڪيس هو، ان ۾ اسحاق ڊار جو اعترافي بيان هو ته ڪهڙي ريت مني لانڊرنگ ٿي پر اين آر او ڏئي اهو ڪيس روڪيو ويو ۽ کيس سعودي عرب وڃڻ ڏنو ويو ته جيئن مشرف جي ڪرسي خطري ۾ نه پوي. ٻئي پاسي 2 ارب رپيا زرداري جي سوئس ڪيس تي قوم جا خرچ ٿيا، لنڊن ۾ سري محل ڪيس ٿيو جيڪو پاڪستان حڪومت کٽي وئي، اهو پئسو پاڪستان کي ملڻو هو پر اين آر او سائن ٿيو ۽ اهو به ڪيس به ڇڏيو ويو. عمران خان وڌيڪ چيو ته ان ٻن اين آر او مان طاقتور ماڻهن سمجهيو ته چوري ڪا خراب شيءَ ناهي، ڪرپشن جيتري ڪريو طاقتور چور کي پاڪستان ۾ ناهي پڪڙيو ويندو، ان جو نتيجو اهو آهي ته 2008ع کان 2018ع تائين ان اين آر او وٺندڙ ٻن اڳواڻن 5-5 سال حڪومت ڪئي، پاڪستان جو قرض 60 سالون ۾ 2008ع تائين 6 هزار ارب هو پر ان ٻن اين آر او کانپوءِ پاڪستان جو قرض 30 هزار ارب ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي ڪو ڊپ نه هو. عمران خان چيو ته جيڪو به سوچي رهيو آهي ته حڪومت ڪنهن کي اين آر او ڏيندي ته اهو سمجهي ته جيڪڏهن اسان اين آر او ڏينداسين ته ملڪ سان غداري ڪنداسين، اهو ٿي ئي نٿو ٿي سگهي ته اسان ڪنهن کي اين آر او ڏيون.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں