نئون بنگلاديش ٺهڻ نه ڏبو، سنڌ واسين جا ڦريل حق وڙهي وٺنداسين، ڪير به روڪي نه ٿو سگهي: آصف

1Shares

ٽنڊوآدم (رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي ته پاڪستان ٻئي ڪنھن نه پر اسان جي بزرگن ٺاھيو ھي ملڪ ڪنھن جنگ جي صورت ۾ نه پر ڳالھين جي ذريعي ٺھيو قائد اعظم محمد علي جناح انگريزن سان ڳالھيون ڪري ھي ملڪ ٺاھيو ھو اھڙو اظھار ھن ٽنڊوآدم ۾ سينيٽر امام الدين شوقين جي فارم ھائوس تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ته ھتي جيڪو قتل عام ٿيو ھو اھاھندن جي سازش ھئي ھن چيو ته ابوالڪلام آزاد پاڪستان جي عمر ٽيھ سال ٻڌائي ھئي ھن چيو ته ھن ملڪ کي بچائڻ لاء اسان وڙھنداسون موجوده حڪومت قائم ٿيڻ کان پوء انھن پھريون وار 18ھين ترميم تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھن چيوته ھي حڪمران سول ايويشن جي ھيڊ آفيس ڪراچي کان اسلام آباد کڻي وڃڻ ٿا چاھين ھن چيو ته اھو سڀڪجھه ان ڪري ڪيو پيو وڃي جيئن اسلام آباد ۾ نيون آفيسون ٺھن ۽ ان مان مال ٺاھيون ھن چيو ته مرڪزي حڪومت سنڌ کي پنھنجا حق نه پئي ڏي ھن چيو ته ھاڻي ٻيو بنگلاديش ٺھڻ نه ڏينداسون سنڌي بلوچ پنجابي پشتون اسان سان گڏ آھن ھن چيو تهھي حڪمران پئسي جي کوٽ جون دانھون ڪري قوم کي بيوقوف پيا بڻائين اسان جڏھن حڪومت ۾ آيا ھئاسون ته ملازمنجي پگھارن ۽ پينشن ۾ سئو سيڪڙو واڌ ڪئي ھئي ھن چيو ته اسان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي جي قول تي ھلندا راھنداسين ۽ملڪ کي بچائڻ لاء وڙھندا رھنداسن ھن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير دل جو ڪجھه ڪنجوس آھي پر ھٿ جو سخي آھي ھن جيڪو واعدو ڪيو آھي ان تحت ٽنڊوآدم ۾ انڊرپاس ضرور ٺھندو ان کان اڳ آصف علي زرداري الحاج سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪيو جلسي کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ , سينيٽر امام الدين شوقين اڳوڻي سينيٽر عاجز ڌامراه پڻ خطاب ڪيو , جلسي ۾ ايم اين اي شازيه عطا مري , ايم اين اي نويد ڏيرو , صوبائي وزير فراز ڏيرو , ايم پي اي شاھد خان ٿھيم , پ پ ضلعي سانگھڙ جي صدر علي حسن ھنڱورجو , جھانگير جوڻيجو , پ پ سٽي ٽنڊوآدم جو صدر تاج محمد ورياھ , پ پ تعلقي ٽنڊوآدم جو صدر حاجي جاويد شورو سميت ھزارين ڪارڪنن جلسي ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي بجلي گئس ۽ پاڻي نه پيو ڏنو وڃي وفاق سنڌ کي حق نه ڏنا ته ڦري وٺنداسين هن چيو ته سانگهرڙ واسين اليڪشن ۾ پ پ کي ووٽ ڏنو، اسان اڄڙي ٿر کي پاڻي فراهمي سميت سمورا مسئلا حل ڪيا اهن 5 سالن ۾ اڳ اڳ کان به وڌيڪ بهتر ڪم ڪنداسين.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں