جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه ڌار ڌار نظرثاني اپيلون داخل ڪرائي ڇڏيون

1Shares

اسلام آباد(بيورو) بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف زرداري به جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريمڪورٽ جي 7 جنوري واري فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي، ايڊووڪيٽ لطيف کوسا ذريعي داخل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي کان اڳ سندن موقف درست نموني نه ٻڌو ويو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 جنوري واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ايڊووڪيٽ لطيف کوسا پاران داخل اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست 12 فيبروري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. ايڊووڪيٽ لطيف کوسا ذريعي داخل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي کان اڳ سندن موقف درست نموني نه ٻڌو ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان  جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 جنوري فيصلي تي نظر ثاني اپيل داخل ڪرائي وئي هئي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس واري فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو. مراد علي شاهه سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ وفاق، نيب ۽ جي آءِ ٽي کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ويو آهي ته جي آءِ ٽي کي جعلي اڪائونٽس معاملي جي جاچ ڪرڻي هئي پر جي آءِ ٽي منهنجي خلاف جعلي اڪائونٽس ٽرانزيڪشنز ۾ ملوث هجڻ جو ثبوت آڻي نه سگهي. درخواست ۾ چيو ويو ته سنڌ اسيمبلي شگرملز کي سبسڊي جي منظوري ڏني ۽ سبسڊي ڏيڻ وارو ٺهراءَ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان پاران پيش ڪيو ويو، ڪيس کي ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، جڏهن ته لکت واري فيصلي ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ مان نالو ڪڍڻ واري زباني حڪم کي شامل نه ڪيو ويو، معاملي تي عملدرآمد بئنچ جوڙڻ جو به جواز نه هو، ان ڪري سپريم ڪورٽ فيصلي تي نظرثاني ڪري.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں