ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ارشاد رانجھاڻي جي قتل جو سختيءَ سان نوٽس وٺندي ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاھھ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو رجسٽرار سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي ھڪ خط لکي جنھن ۾ ارشاد رانجھاڻي جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسان ڪنھن کي بھ قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگھون. واضح رھي تھ ارشاد رانجھاڻي کي 6 فيبروري اربع ڏھاڙي ڀينس ڪالوني جي يونين ڪائونسل چيئرمين رحيم شاھھ ڀريل بازار ۾ قتل ڪيو ۽ ان متاثر زخمي شخص کي اسپتال وٺي وڃڻ نھ ڏنو ۽ اھو گذاري ويو. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام کي سينئر پوليس آفيسر کان ان قتل جي جاچ ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي ھئي. ھن چيو تھ سندس حڪومت شھر ۾ سياسي عزم جي ڪري امن امان بحال ڪيو آھي ۽ ان ۾ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ آرمي جون بي پناھھ قربانيون شامل آھن. ھن چيو تھ ھاڻي حڪومت ڪنھن کي بھ رياست اندر رياست قائم ڪرڻ ۽ سندن ھٿن ۾ بندوق کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھي. ھن ارشاد رانجھاڻي واقعي جو حوالو ڏيندي چيو تھ ڪنھن شخص کي ڌاڙيل قرار ڏئي قتل نٿو ڪري سگھي. ھن چيو تھ سندس شھر ۾ اھڙي قسم جي واقعن جي اجازت نٿو ڏئي سگھان ۽ ڪراچي جيڪو امن جو مرڪز ۽ بين الاقوامي راندين جو حب بڻجي رھيو آھي، جتي ھر ايندڙ ڏينھن ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿي رھي آھي. ھن چيو تھ اھو شھر ھتي رھندڙ ھر پُرامن شھريءَ جو آھي پر ھتي ڏوھارين، قاتلن ۽ قانون ھٿ ۾ کڻڻ وارن لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪابھ جاءِ نھ آھي. مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو تھ ھُو ھڪ سينئر پوليس آفيسر جي سربراھيءَ ۾ پوليس اھلڪارن جي ٽيم جوڙي جيڪا ان قتل جي مختلف پاسن ۽ وڪڙن سان جاچ ڪري سگھي. ھن چيو تھ ھن وقت تائين جي ھڪ تفصيلي رپورٽ سندس پيش ڪئي وڃي جنھن ۾ قاتل ۽ مقتول جي مڪمل ڄاڻ، قتل جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڪنھن ايف آءِ آر داخل ڪرائي ۽ اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي يا نھ؟. کين مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس تي زور ڀريو تھ سندس ان ڪيس تي روزاني ٿيندڙ اڳڀرائيءَ بابت آگاھھ ڪيو وڃي. ٻئي طرف اي آءِ جي ڪراچي امير شيخ معاملي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي ڪندا جڏهن ته ايس پي ايسٽ، ايس ايس پي جاچ ملير به شامل آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟