پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جا لنڊن جي مهانگن ترين علائقن ۾ 4 اپارٽمينٽ هجڻ جو انڪشاف

1Shares

لاهور(بيورو) نيب عملدارن حراست هيٺ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير عبدالعليم خان جي لنڊن جي مهانگن علائقن ۾ 4 اپارٽمينٽس هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي ذريعن مطابق جاچ دوران نيب آفيسرن عبدالعليم خان کان لنڊن ۾ ان جي ملڪيت بابت سوال ڪيا ۽ چار اپارٽمينٽس سندس ملڪيت هجڻ ۽ انهن کي خريد ڪرڻ لاءِ آمدني جي ذريعن بابت پڇاڻو ڪيو. ذريعن مطابق نيب جي جاچ آفيسرن عليم خان کان 2005ع ۾ ٺاهيل آف شور ڪمپني جا دستاويز به گهريا، جڏهن ته ان مان رقم پرڏيهه منتقل ڪرڻ بابت به پڇيو. نيب جي پريس رليز مطابق عليم خان کي پاناما اسڪينڊل جاچ ۾ اڳڀرائي تحت آف شور ڪمپني، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. نيب مطابق عليم خان پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي جي سيڪريٽري ۽ اسيمبلي ميمبر هجڻ جي حيثيت ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. نيب لاهور مطابق عليم خان پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا. پڌرائي مطابق عليم خان لاهور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اي اينڊ اي ڪمپني ٺاهي 1500 ڪنال ايراضي ٺاهي، جنهن جي خريداري بابت هن ڪو اطمينان جوڳو جواب نه ڏنو، ٻئي پاسي هن 2005ع ۽ 2006ع دوران يو اي اِي ۽ برطانيا ۾ ڪيتريون ئي آف شور ڪمپنيون ٺاهيون.  نيب پڌرائي مطابق عليم خان پاران رڪارڊ ۾ مبينا هيراڦيري به ڪئي وئي، جڏهن ته هو پڇيل سوالن جا جواب به نه ڏئي سگهيو، جنهن کي نظر ۾ رکندي کيس گرفتار ڪيو ويو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں