“وفاقي سرڪار حج خرچن ۾ اضافو واپس وٺي” سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ هڪ راءِ منظور ڪري ورتو

1Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي وفاقي حڪومت پاران حج جي خرچن ۾ واڌ خلاف پ پ جي عورت ميمبر ندا کهڙو جي هڪ قرارداد کي يڪراءِ منظور ڪري ورتو آهي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته تعويذن ذريعي حڪومت هلائيندڙن کي حج جي اهميت جي ڪهڙي خبر، رياستِ مدينه جي دعويدارن حج جي فريضي کي به مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڪجهه ميمبرن حج جي خرچن ۾ واڌ تي وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ائين پيو محسوس ٿئي ته پي آءِ اي جي موجوده خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ ان جو سڄو بار حج پانڌيئڙن تي وڌو ويو آهي. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ منو ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. ايوان ۾ ٿرپارڪر جي 38 ٻارڙن جي گذريل سال ٿيل فوتگي واري واقعي تي دعا جي درخواست ڪئي وئي جڏهن ته جي ڊي اي جي اقليتي ميمبر نند ڪمار پاران ڪنڀ شهر ۾ مندر ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه تي هندو برادري جي ٿيل دل آزاري تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪارروائي جي آغاز ۾ پي ايس 94 ڪراچي جي تڪ تي ٿيل ضمني چونڊ ۾ ڪامياب ٿي آيل متحده جي ميمبر هاشم رضا پنهنجي ميمبر شپ جو حلف کنيو، ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان پنهنجي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر کي چيو ته جيڪڏهن اجلاس اڱاري ڏينهن نٿو ٿئي ته قانون موجب اڄ پرائيويٽ ميمبر ڊي آهي تنهن تي اسپيڪر کانئس پڇيو ته اسيمبلي رولز ۾ ڪٿي لکيل آهي، ان موقعي تي اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ اسيمبلي جي رولز بڪ ۾ لکيل آهي پر اسان کي رولز جي تشريح سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي. اسپيڪر چيو ته توهان رولز تبديل ڪريو هي ميمبرن ٺاهيا آهن، ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ان معاملي تي اسپيڪر سان بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان هائوس کي ڊسٽرب ڪري رهيا آهيو، ڇا سوال جواب اهم ناهن، اسپيڪر چيو ته مان ڪنهن جو بزنس بلڊوز ناهيان ڪندو پر رولز تي هلندو آهيان، ان دوران بحث هلندڙ ئي هو ته پ پ جي عورت ميمبر ندا کهڙو وفاقي حڪومت پاران حج پانڌيئڙن جي خرچن ۾ واڌ واري فيصلي خلاف هڪ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي ان بابت ندا کهڙو جو چوڻ هو ته حڪومت حج خرچن ۾ واڌ ڪري عام مسلمانن تي ٻوجهه وجهي ڇڏيو آهي، حج خرچن ۾ 63 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻي عام  ماڻهو لاءِ حج ڪرڻ به ناممڪن ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت پنهنجي حج پاليسي تي نظرثاني ڪري. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي عورت ميمبر ثروت فاطمه چيو ته وفاقي حڪومت حج خرچن جي مد ۾ بئنڪن کان 6 مهينن تائين اضافو رقم وٺندي آهي، سڌسماءَ جي وفاقي وزير پاران حج جهڙي فرض تي تبصرو ڪرڻ افسوس جوڳو آهي. ايم ايم اي جي سيد عبدالرشيد چيو ته حج ڪاروان سان سڄي ڪانواءِ سرڪاري وسيلن تي موڪلي ويندي آهي انهن سرڪاري ماڻهن جو خرچ عام حاجي تي وڌو پيو وڃي ۽ ائين پيو لڳي ته پي آءِ اي جو خسارو حاجين مان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل جو چوڻ هو ته اسلام جي پنج بنيادي رڪنن مان حج هڪ اهم رڪن آهي، مسلمانن لاءِ هڪ لازم ۽ تڪميل جو حصو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ايئر لائين نقصان ڪري رهي آهي ته ان جي نقصان کي به عوام ذريعي پورو ڪيو پيو وڃي. جي ڊي اي جي رزاق راهمون چيو ته گذريل سال 2 لک 70 هزار عيوض سرڪاري سطح تي حج خرچن جي مقابلي ۾ هن دفعي ٻيڻا ڪيا ويا آهن جنهن سبب عوام جي مشڪلات وڌي وئي آهي. پ پ جي امداد پتافي چيو ته قرارداد اهم آهي، حج ڪرڻ هر مسلمان جي خواهش هوندي آهي، موجوده حڪومت رياستِ مدينه جو نعرو لڳائي حڪومت ۾ آئي هئي، ماڻهو بجلي گئس جي بلن سبب پريشان آهن ۽ هاڻي حج کي به ناهي بخشيو ويو. هن چيو ته هڪ ڪروڙ گهر ڏيڻ جو چئي هڪ ڪروڙ گهر ٽوڙيا ويا آهن، تعويذ ۽ دعائن ذريعي اقتدار ۾ آيل حڪومت کي اهڙو ظلم نه ڪرڻ گهرجي. پ پ جي سيد مراد علي شاهه سينيئر چيو ته اهڙو قانون جوڙيو وڃي جيڪو ماڻهو هڪ دفعو حج ڪري چڪو آهي اهو ٻيهر حج ڪرڻ بجاءِ ڪنهن غريب کي حج ڪرائي. تحريڪ لبيڪ جي ميمبر قاسم فخري چيو ته اڄ اهڙي قرارداد ذريعي ملڪ جي ماڻهن جي دلين تي مرهم رکي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي ته اميد هئي ته هي حڪومت 2 لک 70 هزار بجاءِ هڪ لک گهٽ ڪري ها پر ائين نه ٿيو. هن چيو ته رياستِ مدينه جي دعويدارن ماڻهن جي خواهشن کي ٽوڙڻ وارو عمل ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها غلط فهمي آهي سبسڊي صرف 40 هزار هئي، هن چيو ته ايوان ۾ بيهي ڪري وڏيون وڏيون ڳالهيون ته ڪيون وڃن ٿيون پر ڪجهه ماڻهو نماز به ناهن پڙهندا، حج انهن لاءِ فرض آهي جيڪي حج ڪرڻ جي طاقت رکندا هجن انهن لاءِ ناهي جيڪو حج ڪرڻ جي طاقت نه رکندو هجي. پ پ جي سعاديه جاويد چيو ته سکن ۽ ٻين اقليتن کي آساني ڏني پئي وڃي پر مسلمانن کي حق نه پيا ڏنا وڃن، حج خرچن ۾ واڌ ڪري صرف هڪ خاندان کي نوازيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي فائدو پيو ڏنو وڃي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته حج تي ويندڙ 90 سيڪڙو ماڻهو سڄي زندگي جي جمع پونجي گڏ ڪندا آهن ۽ اها اميد لڳائي ويهندا آهن ته هو حج تي ويندا. مذهبي معاملن واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته تعويذن تي هلندڙن کي ڪهڙي خبر ته حج جي اهميت ڇا آهي. پ پ جي منور وساڻ به قرارداد جي حمايت ۾ ڳالهايو تنهن بعد ايوان اهڙي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي ۽ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن صبح تائين ملتوي ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل سميت ٻه بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا جڏهن ته جيل ايڪٽ ايوان ۾ پيش ڪري سليڪٽ ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو. ڪالهه اسيمبلي جي ايوان سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، ترميمي مسودي تحت بلدياتي ڪائونسل جي ڪنهن به ميمبر جي استعيفيٰ جي منظوري جو اختيار ڪائونسل جي چيف آفيسر جو اختيار هوندو. ترميم بل پيش ڪندي بلديات جي وزير سعيد غني چيو ته لفظ گورنمينٽ کي تبديل ڪري محڪمه بلديات ڪرڻ چاهيون ٿا، بل تحت ڪنهن به بلدياتي ڪائونسل جي ميمبر جي استعيفيٰ بلديات کاتي جو سيڪريٽري منظور ڪندو. سنڌ اسيمبلي اسٽيوٽا ترميمي بل به اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو جڏهن ته ايوان ۾ سنڌ پريزن اينڊ ڪريڪشن ايڪٽ جو مسودو به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو جيڪا ايوان ۾ موجود تمام پارلياماني جماعتن جي نمائندن تي ٻڌل هوندي. ڪميٽي جيل ايڪٽ تي تجويزون ۽ ترميمون ڪري رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي پوءِ اها رپورٽ ٽن هفتن ۾ ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں