گئس بلن ۾ واڌ جي آڊٽ جو فيصلو، شهباز شريف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي: وفاقي سرڪار

3Shares

اسلام آباد(بيورو) وفاقي ڪابينا شهباز شريف کان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي  تان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شهباز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پي اي سي جي آفيس کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ نيب ڪيسن ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به پي اي سي ۾ سامل ڪيو پيو وڃي ۽ کين جاچ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اها ناقابل قبول صورتحال آهي، ڪابينا ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالب ڪيو آهي. عليم خان جي گرفتاري بابت سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته احتسابجو عمل اثرائتو هجڻ گهرجي ۽ اهو نه لڳڻ گهرجي ته اوهان بيلنسنگ ايڪٽ ڪري رهيا آهيو، اوهان هر معامل تي اهو ڪري رهيا آهيو ته هيڏانهن هڪ پڪڙڻو آهي ته هوڏانهن به هڪ پڪڙڻو آهي. احتسانب جي عمل ۾ بيلنسنگ ايڪت نه هجڻ گهرجي ڇو ته ان سان ادارن تي اعتماد نه رهندو، نيب کي اثرائدو بڻائڻ ۽ آزاد بڻائڻ لاءِ ان ۾ هر ممڪن ترميمون ڪرڻ ۽ ان کي ريسورس ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، ان جي ڪم ۾ شفافيت ۽ غير جانبداري تمام ضروري آهي، پر اهو نه هجڻ گهرجي ته هتان جو هڪ پڪڙنو آهي هُتان جو به هڪ پڪڙڻو آهي، توازن قائم ڪرڻ جي تاثر سان پاڻ اداري کي نقصان پهچي ٿو. فواد چوڌري چيو ته رضا رباني ۽ مشاهد الله خان سميت ڪيترن ئي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ماڻهن وٽ ڪوبه عهدو ناهي پر منسٽر ڪالوني ۾ سرڪاري گهرن تي قبضو ڪري ويٺا آهن، وزيراعظم وزير هائوسنگ کي اهڙن ماڻهن کان قبضو ڇڏائڻ ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ عام شين جي اگهن، گئس بلن ۾ واڌ جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته ڀاڄيون، داليون، پيٽرول، سيمنٽ، بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا گهٽيا آهن، قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي پهرين 6 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 1.8 سيڪڙو آهي، ن ليگ حڪومت ۾ اها شرح 6.5 سيڪڙو هئي. نيب جا اختيار نه پيا گهٽايون، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي آفيس کي استعمال ڪيو پيو وڃي. نيب ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي پي اي سي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، عليم خان جي گرفتاري بابت ڪابينا ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. هن چيو ته حڪومت ۽ فوج وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن آهي، ماضي ۾ اين آر او ٿيا، اهي ماڻهو هاڻي غلط فهمي ختم ڪري وٺن ته ڪجهه به نه پڇيو ويو، وزيراعظم عمران خان گئس جي گهريلو واهپيدارن جي بلن ۾ واڌ جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪابينا وقار الحسن کي وقتي ايم ڊي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ ڪارپوريشن ۽ طارق اقبال کي آڊٽ ۽ سائيٽ بورڊ جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا ڪرتارپور راهداري تي ترقياتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ چوڌري سرور جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي آهي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں