آشيانه اسڪينڊل ڪيس ۾ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو، شهباز شريف کي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

1Shares

لاهور(بيورو) لاهور جي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار شهباز شريف جي عدم پيشيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته احد چيما ۽ فواد حسن فواد عدالت جي روبرو پيش ٿيا پر شهباز شريف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته شهباز شريف ڇو پيش نه ٿيو آهي، کيس صحت جو مسئلو آهي، يا پي اي سي جي گڏجاڻي ۾ آهي، ڪيس ايئن ته نه ٿو هلي سگهي، جنهن تي ڊي ايس پي اعزاز شاهه عدالت کي ٻڌايو ته کيس صحت جا مسئلا به آهن ۽ گڏجاڻي به آهي. ان موقعي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس ته رڳو چوڪيدار آهي، رياست جوابده آهي ته شهباز شريف کي ڪنهن اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت ڏني آهي، کيس ميڊيڪل جي اجازت تنهن ڪري نه ڏني آهي ته هو عدالت ۾ پيش نه ٿي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز شريف کي پيش نه ڪرڻ نيب جي ذميواري ناهي، پوليس جي آهي جنهن تي عدالت چيو ته پوليس ڇا ڪري هوءَ ته پنهنجو پاڻ بچائيندي آهي. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته سندس اصيل کي ڪرنگهي جي هڏيءَ جو مسئلو آهي، ڊاڪٽرن کيس ڊگهي سفر کان روڪيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ڇو ته ڊاڪٽر کي ئي طلب ڪري رپورٽ بابت پڇا ڪئي وڃي، رپورٽ موجب شهباز شريف ٺيڪ هو، لڳي ٿو ته بستري ۾ پئي بيمار ٿي پيو آهي. جج چيو ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ فرد جرم لاڳو ٿيو جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته عدالت اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو ڪو حڪم نه ڪيو هو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ شهباز شريف کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته پوءِ پيشي کان مٿي حڪم ڏيندو. جج چيو ته شهباز شريف ميٽنگون اٽينڊ ڪري سگهي ٿو ته عدالت ڇو نه ٿو اچي سگهي، جيڪڏهن سندس طبيعت خراب آهي ته ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪري وٺنداسين. عدالت چيو ته فرد جرم لاڳو ڪرڻو هو، هاڻ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي لاڳو ڪيو ويندو، شهباز شريف کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں