لاهور(بيورو) احتساب عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان کي 9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان خلاف نيب جي درخواست احتساب عدالت منظور ڪندي 9 ڏينهن جو رمانڊ ڏئي ڇڏيو آهي. نيب پاران عبدالعليم خان جو 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي. احتساب عدالت جي جج سد نجم الحسن عليم خان خلاف اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جي وڪيل وارث علي جنجوعا دليل ڏيندي چيو ته عبدالعليم خان 2003ع ۾ ايم پي اي چونڊيو، ان دوران هن 900 ڪنال پراپرٽي ٺاهي، 2003ع ۾ عليم خان ڏيڍ ڪروڙ جو گهر خريد ڪيو، 2005ع ۾ عليم خان پنهنجي گهر واري جي نالي سان ڪمپني ٺاهي، ڪمپني ۾ وڏي رقم سيڙپڪاري ڪئي. 2017ع ۾ هن پرڏيهه ۾ فليٽ خريد ڪيو، انڪري وڌيڪ جاچ لاءِ عليم خان جو 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. نيب پراسيڪيوٽر تفصيلي رپورٽ کڻي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته عبدالعليم خان هيڪسم انويسٽمينٽ اوورسيز لميٽيڊ ڪمپني يوڪي ۾ ٺاهي، هيسڪم انويسٽمينٽ اوورسيز لميٽيڊ ڪمپني ۾ 99 هزار 52 پائونڊ جو حساب نه مليو، عليم خان آر اينڊ آر انٽرنيشنل ايف زيڊ سي يو اي اِي ۾ ٺاهي، هن جميرا ڳوٺ، ويلا اورنج ليڪ ويلا جميرا گالف دبئي ۾ اثاثا ٺاهيا. نيب چيو ته آف شور ڪمپنين جو پئسو ڪٿان آيو، عبدالعليم خان جواب ڏئي ناهي سگهيو، پاڪستان ۾ انويسٽمينٽ ڪئي پر پئسا ڪٿان آيا؟ جواب نه مليو، زمين جي خريداري لاءِ رقم ڪٿان آئي؟ عليم جواب نه ڏنو، آف شور ڪمپنين ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي مڪمل شاهديون احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. عبدالعليم جي وڪيل نيب جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته ڪمپني جا 878 ملين جا اثاثا ڊڪليئر ڪيا، سمورا اثاثا قانون مطابق رڪارڊ تي موجود آهن، سياست ۾ اچڻ جو مقصد اهو نه هو ته حڪومتي پئسي مان سڀ ڪجهه ٺاهيو وڃي، منهنجي دوري جي سموري سرڪاري رقم رڪارڊ تي موجود آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عدالت کي اپيل ڪئي ته مان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، جيڪو ڪجهه چوندس قسم کڻي چوندس. عدالتي اجازت تي عليم خان نيب خلاف ڦاٽ کاڌو ۽ چيو ته 2002ع کان ڪا شڪايت ناهي آئي، اختيارن جو ڪو غلط استعمال نه ڪيو، هن بس ايئن ئي ڪيس ٺاهيو، اهي سموريون شيون ٽيڪس رڪارڊ ۾ به شامل آهن، مون کي پئسا ورثي ۾ مليا آهن، جيڪو ڪجهه رڪارڊ ۾ هو اهو مون پاڻ ڏنو، نيب جڏهن سڏايو ته پيش ٿيس، نيب ڪو به رڪارڊ انگلينڊ يا يو اي اِي مان ناهي گهرايو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟