اسلام آباد(بيورو) بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ارسلان افتخار ۽ ملڪ رياض بزنس ڊيل ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي. ملڪ رياض جي وڪيل ڊاڪٽر باسط عدالت کي آگاهه ڪيو ته ملڪ رياض خلاف توهين عدالت ڪيس پاڻمرادي نوٽيس ڪيس کي اڪلايو ويو آهي ۽ جڏهن فرد جرم لاڳو ٿيو ته عدالتي حڪمنامو نه آيو هو، جڏهن ته عدالتي حڪم نامي ۾ آيو ته ملڪ رياض ڪڏهن عدالت جي توهين ناهي ڪئي ۽ ملڪ رياض چيو هو ته سندس معاملو عدالت سان نه پر ارسلان افتخار سان آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏنا ته ملڪ رياض تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي سزا ملڻ باقي آهي، اسان ان کي قانون مطابق ڏسنداسين. ڊاڪٽر باسط ملڪ رياض جي صحت جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سخت بيمار آهي ۽ ان کي ڪينسر آهي، جڏهن ته عدالت ۾ لاڳاپيل ڊاڪٽرن جي ميڊيڪل رپورٽن کي پڻ پيش ڪيو ويو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ملڪ رياض عدالتي حاضري کان ڇوٽ واري ڪابه درخواست ناهي ڏني، توهان لاڳاپيل پاڪستاني ڊاڪٽرن جون روپوٽون پيش ڪيو ته اهي به قبول ڪنداسين، بار بار انگريز ڊاڪٽرن جو حوالو ڇو ٿا ڏيو؟ ملڪ رياض جي وڪيل چيو ته ملڪ رياض پروٽيسٽ ڪينسر جهڙي بيماري ۾ ورتل آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته التوا رڳو ٻن صورتن ۾ ملندي هڪ ته ملڪ صاحب لاڏاڻو ڪري وڃي يا جج صاحب لاڏاڻو ڪري وڃي. ڊاڪٽر باسط موقف اختيار ڪيو ته جناب کي ٻڌايان ته ملڪ رياض جي سرجري ٿيڻي آهي ۽ ڪينسر جهڙي موذي مرض ملڪ رياض جي ڪرنگهي جي هڏي کي به متاثر ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ٽرائل لاءِ شاهدن جي لسٽ اڳوڻي اٽارني جنرل کي ٺاهڻي هئي، جنهن ۾ ارسلان افتخار، افتخار چوڌري، يوسف رضا گيلاني، سيد يوسف ۽ سلمان علي خان شامل آهن، جڏهن ته ميڊيا وارن سان ته اوهان جي سٺي دوستي آهي ۽ توهان جي ڪا خبر به نٿي لڳي. هن چيو ته جيڪڏهن پريس ڪانفرنس جي بنياد تي ڪيس ٺهيو ته ان جي وڊيو ئي ڪافي آهي ۽ رڳو وڊيو جي تصديق ڪرڻي پوندي، وڊيو ۾ خبر پئجي ويندي ته ڳالهائڻ جو انداز ڪهڙو هو؟ چيف جسٽس چيو ته اسان ملڪ رياض کي 10 هفتا حاضري جي ڇوٽ ڏئي سگهون ٿا. ڊاڪٽر باسط عدالت کي آگاهه ڪيو ته ملڪ رياض فون ڪري چيو آهي ته مان عدالت کان غير مشروط معافي گهران ٿو ۽ مان اهو داغ کڻي مرڻ نٿو چاهيان ته عدالت جي عزت ناهيان ڪندو، هو هن وقت برطانيا ۾ آهي. ڊاڪٽر باسط موقف اختيار ڪيو ته ملڪ رياض هن وقت برطانيا ۾ آهي، ان ڪري هڪ هفتي اندر ان جي غير مشروط معافي جمع ڪرائي ويندي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ملڪ رياض جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرايو، ڪيس جي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟