سنڌ پاران مالياتي ايوارڊ روينيو آڌار جوڙڻ جي تجويز، گڊز تي جي ايس ٽي اوڳاڙي صوبن حوالي ڪريو: مراد شاهه

4Shares

اسلام آباد(بيورو) صوبن کي وسيلن جي سڌي منتقلي، فاٽا، ڪاروبار جي بهتري ۽ ٻين معاملن تي غور لاءِ 6 گروپ قائم، سنڌ پاران مالياتي ايوارڊ روينيو آڌار جوڙڻ جي تجويز، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 18هين ترميم رول  ڪرڻ جو ارادو ناهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گڊز تي جي ايس ٽي اوڳاڙي صوبن حوالي ڪريو. تفصيل موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ناڻي وارن وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نائين قومي مالياتي ايوارڊ جي حوالي سان چئني صوبن جي تجويزن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي ناڻي واري وزارت پاران معاشي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران صوبن کي وسيلن جي سڌي منتقلي، فاٽا، ڪاروبار جي بهتري ۽ ٻين معاملن تي غور لاءِ 6 گروپ قائم ڪيا ويا. صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ فاٽا کي اين ايف سي ايوارڊ لاءِ 3 سيڪڙو فنڊ ڏيڻ واري فيصلي تي سنڌ حڪومت اعتراض واريو. اجلاس دوران خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سروسز سان گڏ گڊز تي جي ايس ٽي وصوليءَ جو اختيار به صوبن کي ڏنو وڃي، ورڇ جوڳي پول مان صوبن جي حصي مان ڪٽوتي نه ٿي ڪري سگهجي، فاٽا لاءِ صوبن کان وڌيڪ وسيلا گهرڻ درست ناهي. هن چيو ته هلندڙ سال اسان کي ورڇ جوڳي پول مان 60 ارب گهٽ ڏنا ويا، اڳ ۾ به 104 ارب رپيا رهت آهي، جيڪا اسان کي ڏني وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فاٽا وفاق جي انتظام هيٺ رهيو آهي، ان جو ذمو به وفاق تي آهي، اسين فنڊ ڪٽوتي جا مخالف آهيون، مدد ڪري سگهون ٿا. ان موقعي تي پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم مخدوم بخت چيو ته فاٽا سڄي ملڪ جي گڏيل ذميواري آهي، سمورا صوبا پاڪستان کي درپيش چيلينجز کي سامهون رکن، مخدوم بخت چيو ته وفاق سان ٻن مهينن ۾ رهت جا معاملا طئه ٿيا آهن. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته 18هين ترميم سٺو قدم آهي، حڪومت ان کي ختم ڪرڻ نه ٿي گهري، صوبن کي حاصل گارنٽي ۾ به ڪا مداخلت نه ڪبي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں