لاهور(بيورو) قومي احتساب بيورو ( نيب ) پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽن موجب نيب لاهور عليم خان کي آف شور ڪمپني اسڪينڊل ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ لاءِ طلب ڪيو هو جنهن لاءِ هو نيب آفيس پهتو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو . ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب عليم خان کي آف شور ڪمپني اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب عليم خان اڄ ٺوڪر نياز بيگ تي موجود نيب جي آفيس پهتو جتي ميڊيان سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران سندس چوڻ هو ته اڄ جنهن معاملي تي طلب ڪيو ويو آهي ته ان تي واپسي تي ڳالهائيندس. ذريعن ٻڌايو ته نيب جي آفيس مان عليم خان جو اسٽاف اڪيلو روانو ٿيو ۽ سينيئر وزير نيب جي آفيس مان ٻاهر نه آيو. نيب ترجمان عليم خان جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سينيئر وزير کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف قومي احتساب بيورو ( نيب ) پنجاب جي سينيئر صوبائي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي گرفتاري جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. نيب ترجمان موجب پاناما اسڪينڊل جاچ ۾ اڳڀرائي تحت عليم خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته عليم خان پارڪ ويو هائوسنگ سوسائٽي ۾ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، هن هائوسنگ سوسائيٽي جي سيڪريٽري ۽ قومي اسمبلي جي ميمبر طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. نيب ترجمان موجب عليم خان پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا، هن لاهور ۽ ڀرپاسي ۾ اي اينڊ اي ڪمپني ٺاهي 1500 کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا، هن ان زمين جي خريداري تي تسلي بخش جواب نه ڏنو. قومي احتساب بيورو طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته عليم خان تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام آهي، عليم خان 2005ع ۽ 2006ع دوران گڏيل عرب امارتن ۽ برطانيا ۾ ڪيئي آف شور ڪمپنيون ٺاهيون، سندس طرفان ريڪارڊ ۾ مبينا ڦير ڦار ڪئي وئي، ان مٽا سٽا کي نظر ۾ رکندي عليم خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب ترجمان موجب عليم خان پڇيل سوالن جو جواب نه ڏئي سگهيو، تسلي بخش جواب نه ملڻ تي عليم خان کي گرفتار ڪيو ويو. نيب ترجمان موجب سڀاڻي عليم خان کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف عليم خان صوبائي وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. عليم خان چيو ته مان اخلاقي طور وزارت تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان. عليم خان پنهنجي استعيفيٰ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار حوالي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟