شاگردياڻي رمشا جو مک قاتل ذوالفقار وساڻ گرفتار، هٿيار هٿ

1Shares

خيرپور/ڪوٽڏيجي (ڊ ر+ن هه)13 ساله رمشا وساڻ جي قتل جو مک جوبدار ذولفقار عرف زلفو وساڻ   هٿيارن سميت گرفتار ، ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل جي هنگامي پريس ڪانفرنس ، جوبدار زلفو وساڻ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو،  ذولفقار وساڻ شاه لطيف يونورسٽي جي ڪلارڪ محمد امير تمبراڻي عبدالوهاب موريجو ، سميت ڪيترن ئي قتل ڪيس، ڦر ، ڌاڙو، مسافر ڪوچن مان ڦر سميت 22 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل  هيو، جنهن تي سنڌ حڪومت طرفان پنج لک انعام مقرر ڪيل هو،  جوبدار زولفقار وساڻ کي موبائل فون ٽريسنگ جي مدد سان ناري تعلقي مان ريٽ ڪري گرفتار ڪيو ويو، خبر موجب پهرين فيبروري تي ڪوٽ ڏجي جي ڳوٺ  پير گڊو جي رهواسڻ   13 ساله نينگري رمشا وساڻ کي ڪارنهن الزام مڙهي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو مک جوبدار ذولفقار عرف زلفو وساڻ کي  خيرپور پوليس گذريل رات موبائيل فون ٽريسنگ جي مدد سان ناري تعلقي ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل، اي ايس پي سٽي ڊاڪٽر عمران خان گڏيل طور  پنهجي آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته  جوابدار ذولفقار وساڻ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو، ذولفقار وساڻ 20 سالن کان ڏوهن جي دنيا ۾ سرگرم رهيو ، ذولفقار وساڻ مٿان سنڌ حڪومت پاران 2011 ۾ 5 لک انعام مقرر ڪيو ويو هيو،  جڏهن ته ذولفقار وساڻ 2013 ۾شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي ڪلارڪ  محمد امير تمبراڻي کي  بس مان لاهي سري عام ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪيو هو، جڏهن ته زلفو وساڻ 2013 جي جرنل اليڪشن دوران عبدالوهاب موريجو کي پڻ پولنگ اسٽيشن اندر گولين جو کاج بڻائي قتل ، جڏهن  جوبدار ذولفقار وساڻ  عبدالستار شنباڻي جي گهر مٿان راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڪيترائي ماڻهون زخمي ڪيا،  ذلفو وساڻ  طاهر امتياز ڦلپوٽو، مدثر پٺاڻ، معشوق جاگيراڻي  تي الڳ الڳ حملا ڪري مٿن گوليون هلائي کين زخمي ڪيو،  ذلفو وساڻ نيشنل هاءِ وي  جي مسافر ڪوچن مان مسافرن کي لاهي ڦر ڪرڻ، مسافرن کي زخمي ڪرڻ،  ڦرون، ڌاڙن سميت سنگين نوعيت جي 50 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ملوث هيو، جڏهن ته 22 کان وڌيڪ ڪيس هن مٿان داخل ٿيل آهن،  ايس ايس پي خيرپور چيو ته زلفو وساڻ جي گرفتاري لاءِ مختلف پوليس پارٽيون اي ايس پي عمران خان جي اڳواڻي ۾ تشڪيل ڏنل هيون،  جن جي ڏينهن رات محنت سبب رمشا وساڻ قتل جو مک جوبدار زلفو وساڻ گرفتار ٿي سگهيو، آهي، جوبدار ابتدائي جاچ دوران رمشا وساڻ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي،   ايس ايس پي عمر طفيل وڌيڪ چيو ته رمشا وساڻ واقعو انتهائي افسوس ناڪ واقعو آهي، هن ڪيس ۾ پوليس جوبدارن جو عدالتي ريمانڊ وٺڻ بعد جاچ اڳتي وڌائي ويندي، جڏهن ته رمشا وساڻ قتل ڪيس جي جوبدارن، سهولتڪارن کي هرگز بخش نه ڪبو، کين انجام تائين پهچايو ويندو،  ٻئي طرف پي ٽي آء جي ميمبر سنڌ اسمبلي دعا ڀٽو ڳوٺ پير گڊو(نواب خان وساڻ) پهچي قتل ٿيل معصوم نيگري  رمشه وساڻ جي امڙ خورشيد وساڻ سان تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽کيس يقين ڏياريو ته سندس معصوم نياڻي رمشه وساڻ جي قاتل ذوالفقار وساڻ ۽ ٻين کي ڦاسي ڏياري ويندي  هن چيو وزيراعظم  عمران خان جي حڪومت هر ڪنهن کي انصاف ڏياريندي  ۽ ڪنهن کي به ظلم ۽ ڏاڍ جي اجازت نه ڏيندي ۽ پي ٽي آئي  تيستائين خاموش نه ويھندي  جيستائين رمشه وساڻ جا قاتل ذوالفقار وساڻ ۽ ٻيا ڦاهي تي نٿا چڙھن ان اڳ رمشه وساڻ جي امڙ  خورشيد وساڻ پاڪ ڪتاب کڻي پي ٽي آء سنڌ اسيمبلي جي ميمبر دعا ڀٽو کي انصاف ڏيارڻ جو واسطو ڏنو ۽ چيو ته کيس خوشي ٿي آھي ته توهان لاڙ ڪاڻي مان هتي پهتا آھيو پر افسوس ته منهنجي حد جا چونڊيل نمائيندا  نه پهتا آھن هن چيو ته سندس نياڻي رمشه تيرنهن سالن جي هئي ۽ هوء ڪاري نه هئي اڄ ھن جو مک قاتل  ظالم جوابدار ذوالفقار   وساڻ ته گرفتار ٿيو آھي پر هن جي دل تڏهن ٺرندي جڏهن اهو ۽ ان جا ساٿي ڦاهي تي چڙھندا

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں