اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 43 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو جنهن جي ڪاپيسپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهرين کي سياسي پارٽيون ٺاهڻ ۽ ان جو ميمبر بڻجڻ سميت هر شهري ۽ سياسي پارٽي کي اجتماع ۽ احتجاج جو حق حاصل آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اجتماع ۽ احتجاج پرامن ۽ قانون جي دائري ۾ هجڻ گهرجي جنهن سان ٻين شهرين جي آزاداڻي اچ وڃ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ هدايت ڏندي ته سياسي پارٽين بابت قانون تي عمل نه ڪندڙ سياسي پارٽي خلاف اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري ۽ هر سياسي پارٽي کي پنهنجي فنڊز جي ذريعن بابت جوابدا هجڻ گهرجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رياست کي غير جانبدار ۽ منصفاڻو هجڻ گهرجي، قانون جو عمل سڀني تي هجڻ گهرجي، چاهي اهي حڪومت ۾ هجن يا ادارن ۾، آزاداڻو ڪم ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ 12 مئي واري سانحي جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته 12 مئي سانحي تي ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ سان تشدد وسيلي ايجنڊا حاصل ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿي ۽ قتل، قتل جي قدم ۾ ملوث حڪومت ۾ شامل وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ سان خراب مثال قائم ٿيو ۽ تشدد وسيلي ايجنڊا حاصل ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿي. فيصلي ۾ چيو ويو ته رياست کي غير جانبدار ۽ منصفاڻو هجڻ گهرجي، قانون سڀني تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، ڀلي اهو حڪومت ۾ هجي يا ادارن ۾، حڪومت جو ڪو به ادارو يا ايجنسي پنهنجو مينڊيٽ نه اورانگهي، سڀني کي حدن ۾ رهي آزاداڻو ڪم ڪرڻ گهرجي، شهرين کي سياسي پارٽيون ٺاهڻ ۽ انهن جو ميمبر بڻجڻ سميت هر شهري ۽ سياسي پارٽيءَ کي احتجاج جو حق آهي، احتجاج پرامن ۽ قانون جي دائري ۾ هجڻ گهرجي، جنهن سان ٻين شهرين جي آزاداڻي چرپر متاثر نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين بابت قانون تي عمل نه ڪندڙ سياسي پارٽين خلاف ڪارروائي ڪري.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟