عليم خان جي گرفتاري کانپوءِ مخالف ڌر ڪهڙو بهانو بڻائيندي: فواد چوڌري

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عليم خان جي گرفتاري بعد مخالف ڌر هاڻ ڪهڙو بهانو بڻائيندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته جيئن ئي عليم خان جي گرفتاري جو چيو ويو ته هن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڏانهن پنهنجي استعيفيٰ موڪلي، جهڙي ريت عليم خان فوري استعيفيٰ ڏني ان سان ڪلچر جو واضح فرق نظر اچي ٿو هاڻ خبر پوندي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڪهڙو ڪلچر آهي ۽ باقي پارٽين ۾ ڪهڙو آهي.  فواد چوڌير چيو ته عليم خان جي گرفتاري بعد سمجهه ۾ نٿو اچي ته مخالف ڌر هاڻ ڪهڙو بهانو بڻائيندي، اسان حساب جي عمل جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ۽ ادارن سان گڏ آهيون، ادارن جو مضبوط هئڻ پاڪستان جي لاءِ مضبوط جو سبب آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں