لاهور/ ڪراچي(بيورو+چيف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي لاهور ايئرپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظميوسف رضا گيلاني لاهور ايئرپورٽ وسيلي ٿائي ايئرلائن جي اڏام ذريعي بينڪاڪ وڃي رهيو هو ته کيس ايئرپورٽ تي ئي روڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس اميگريشن ڪائونٽر تي ايف آءِ اي اختيارين روڪيو آهي ڇو ته نيب ۾ سندس خلاف ڪيسن سبب يوسف رضا گيلاني جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل آهي. اطلاعن موجب يوسف رضا گيلاني عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ۽ اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي فيصل ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو. پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ تي ردعمل ڏيندي يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته مان پاڪستان ڇڏڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان، ڏيڍ مهينو اڳ ايشيا پيسفڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيپال ويس، هاڻ بينڪاڪ رستي سيئول وڃي رهيو هوس مون کي روڪي بنيادي انساني حقن کي پائمال ڪيو ويو جيتوڻيڪ سيئول ۾ ٿيندڙ ورلڊ سمٽ ۾ روانگي جي حوالي سان نيب جج کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. يوسف رضا گيلاني چيو ته اظهار جي آزادي کي دٻائي نئون پاڪستان تعمير نه ٿو ڪري سگهجي، پي ٽي آءِ حڪومت بنيادي انساني حقن بکيا اڊيڙڻ بند ڪري. هن چيو ته، پي ٽي آءِ حڪومت بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اڏائڻ بند ڪري، جيڪڏهن هڪ اڳوڻو وزيراعظم ئي ڏاڍ جو شڪار هوندو ته عام ماڻهو کي ڪهرو تحفظ ملندو. يوسف رضا گيلاني چيو ته، پي ٽي آءِ انتقام کان پاسو ڪري، اهو عمران خان لاءِ به بهتر ٿيندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته، آئون پاڪستان ڇڏڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان، آئون لاڳيتو عدالتن ۾ پيش ٿي، الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهيان. هن چيو ته، مان بينڪاڪ کان سيول وڃي رهيس ته مون کي روڪي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. يوسف رضا گيلاني چيو ته، ڏيڍ مهينو اڳ مان ايشيا پيسفڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيپال ويس، پرڏيهي آفيس ۽ گهرو وزارت منهنجي پرڏيهي دورن کان آگاهه رهيا. هن چيو ته، سيول ۾ ٿيندڙ ورلڊ سمٽ ۾ روانگي بابت به نيب جج کي به آگاهه ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئين ۾ ڏنل حقن کي پائمال ڪرڻ نيازي حڪومت جو وڙ آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جي مذمت ڪندي چيو ته يوسف رضا گيلاني کي پرڏيهه سفر کان روڪڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هو ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سندس خلاف غير قانوني قدمن جو ازالو ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته آئين ۾ ڏنل حقن کي پائمال ڪرڻ نيازي حڪومت جو وتيرو آهي ۽ نيازي سرڪار پيپلز پارٽي جي افعال اپوزيشن کان ڊنل اهي، عمران خان ٻڌي وٺي اسان کيس پنهنجي مرضي جو نقاب لڳائڻ نه ڏينداسين ۽ جعلي مينڊيٽ واري سرڪاري جي ڪوڙن واعدن ۽ عوام دشمن پاليسين جو آپريشن ڪندا رهنداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟