انوشڪا شرما جي هم شڪل آمريڪي ڳائڻي جي سوشل ميڊيا تي هاڪ

8Shares

ممبئي(شوبز نيوز): مشهور آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو اوهان جو هم شڪل موجود ٿي سگهي ٿو ۽ اهي هڪ کان وڌيڪ به ٿي سگهن ٿا، ان ڳالهه ۾ ڪيتري حقيقت ٿي سگهي ٿي ان جو اندازو انوشڪا شرما جي هم شڪل آمريڪي ڳائڻي جون تصويرون ڏسي ڪري سگهجي ٿو.سوشل ميڊيا هڪ اهڙي پليٽفارم جو نالو آهي جنهن ۾ سموري دنيا اچي وئي آهي ۽ ڪابه شئي اکين کان وانجهيل نه ٿي ٿي سگهي، هاڻ آمريڪي ڳائڻي جون انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصويرون ئي ڏسي وٺو جنهن جي انوشڪا شرما سان هڪجهڙائي واهپيدارن کي چڪرائي وڌو آهي.سوشل ميڊيا تي ايتري هڪ جهڙائي جو چرچو آمريڪي ڳائڻي جوليا مائيڪلس جي ڪجهه ڏينهن اڳ انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پنهنجي هڪ نئين تصويرو سان ٿيو، ان تصوير ۾ پهرئين ئي نظر ۾ انوشڪا شرما لڳي رهي آهي ايتري تائين جو سوشل ميڊيا واهپيدار دوکو کائي ويا. جوليا مائيڪلس جي تصوير وائرل ٿيڻ جي دير هئي جو سوشل ميڊيا واهپيدار انوشڪا ۽ جوليا جون تصويرون جوڙي دلچسپ تصبرا ڪرڻ لڳا. ڪجهه جو ته خيال هو ته اها تصوير انوشڪا جي ڪنهن ايندڙ فلم جي انگريزي ڪردار جي آهي جڏهن ته ڪجهه جوليا کي انوشڪا جي جاڙي ڀيڻ قرار ڏئي ڇڏيو.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں